وڏي وزير قائم علي شاهه ڪي ايم سي کي ڏنل 300 ايڪڙ زمين واپس وٺي ڇڏي

لاهور(م.ڊ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جو قسم تي ڏنل بيان لاهور هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، اهو بيان الطاف حسين جي وڪيل عاصما جهانگير جمع ڪرايو، الطاف حسين قسم تي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي بيانن سان ڪنهن جي دل ڏکي آهي ته مان معافي ٿو وٺان، منهنجي بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. هن چيو ته عدالت پاران سندس بيانن تي پابندي اظهار جي راءِ واري آزادي جي ڀڃڪڙي آهي، متحده سربراه بيان ۾ چيو ته کيس پاڪستان پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پيارو آهي ۽ ملڪ لاءِ غلط ٻولي ڳالهائڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. هن چيو ته آئين، نظام تي تنقيد ڪرڻ جو جيترو حق ڏنو آهي، هو ان مطابق ئي ڳالهائيندو آهي.هوڏانهن نجي ٽي وي چينل جي رپورٽ مطابق الطاف حسين پنهنجي بيانن تي معافي ناهي ورتي پر افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *