وڏي وزير قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ کي اعجاز خواجه جي قتل واري واقعي جي فوري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  آءِ جي سنڌ کي ايس ايڇ او پريڊي اعجاز  خواجه جي قتل  واري واقعي جي فوري جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته ايس ايڇ او جو قتل ٽارگيٽ ڪلنگ آهي ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايس ايڇ او پريڊي اعجاز خواجه جي قتل جي سخت لفظن  ۾ مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کي  پوليس موبائلن تي حملن کي نظر ۾ رکندي سخت حفاظتي اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي  واقعي جي فوري جاچ ڪرڻ ، ان جا  سبب معلوم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي لاپرواهي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي پوليس اهلڪارن جي  حفاظت لاءِ ناقابل شڪست پلان ترتيب ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي.   وڏي وزير  قوم خاطر قرباني ڏيندڙ  ايس ايڇ او کي سلام پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. ايڊيشنل آءَ جي غلام قادر ٿيٻو ايس ايڇ جي قتل واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ شهيد ايس ايڇ او جي گهر ويو، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام قادر ٿيٻي چيو ته ايس ايڇ او جو قتل ٽارگيٽ ڪلنگ آهي. ايڊيشنل آءِ جي چيو ته ايس ايڇ او جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ ان معاملي جي جاچ ڪئي ويندي شهيد ايس ايڇ او ڪهڙن ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو هو. هن چيو ته ايس ايس او جي قتل اڄ ڪراچي جو وڏو واقعو آهي ۽ جوابدارن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو اهڙي قسم جي ڪارروائي ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *