وڏي وزير غير حاضر ملازمن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه عيد جي موڪلن کان پوءِ سرڪاري آفيسن ۾ ملازمن جي غير حاضري جي حوالي سان ميڊيا جي رپورٽن جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي جمعي جي ڏينهن صبح جو نيو سنڌ سيڪريٽريٽ، تغلق هائوس، ناڻي کاتي سميت مختلف آفيسن جا اوچتا دورا ڪري سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ عملي جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ آفيسرن ۽ عملي جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڪجهه آفيسرن عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي ، ٽريننگ ۽ بيماري جو جواز پيش ڪري رکيو هو پر وڏي وزير انهن جي بهانن کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن کي هدايت ڪئي ته غير حاضر ملازمن بابت انڪوائري ڪري سومر تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن غير حاضر ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته آفيسرن ۽ اسٽاف جي غيري حاضري سبب نه رڳو سرڪاري ڪم متاثر ٿي رهيو آهي پر ڏورانهن علائقن مان ايندڙ عام ماڻهن کي به پريشاني کي منهن ڏسڻو پوي ٿو. هن چيو ته حتمي انڪوائري رپورٽ کان پوءِ غير حاضر رهندڙ ملازمن خلاف قائدن ۽ ضابطن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن جون پگهارون به بند ڪري سگهجن ٿيون. ان موقعي تي ڊيوٽي تي موجود سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز قاضي شاهد پرويز جي وڏي وزير واکاڻ ڪئي. گهرو کاتي جي دوري دوران وڏي وزير گهرو سيڪريٽري نياز عباسي کان امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ورتي ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري رٿابندي ۽ ترقيات کي ترقياتي منصوبن خاص طور تي رستن ، پاڻي جي نيڪال ۽ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن وارن ڪمن کي معياري بڻائڻ جي هدايت ڪئي بعد ۾ وڏي وزير تعليم کاتي جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري تعليم ۽ خواندگي فضل الله پيچوهو کان تعليم کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ورتي ۽ کيس سرڪاري اسڪولن ۾ غير حاضر استادن ۽ ٻئي عملي جي خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جي به هدايت ڪئي . ان موقعي تي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ۽ سيڪريٽري انعام الله ڌاريجو به موجود هئا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *