وڏي وزير ضلعي سطح تي استادن جي غيرقانوني ڀرتين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي (اسڪول سائيڊ) کي هدايت ڪئي آهي ته ضلعي سطح تي استادن جي غيرقانوني ڀرتين جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته مان ٽيچنگ ڪيڊر ۾ ڪنهن به غيرقانوني اينٽريءَ جي اجازت نه ڏيندس. هن چيو ته اين ٽي ايس ذريعي بهترين استاد ڀرتي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهي هدايتون اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي جي مختلف منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي جائزي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ صوبائي وزير پي اينڊ ڊي مير هزار خان بجاراڻي، صوبائي تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن عزيز عقيلي، سيڪريٽري ڪاليجز ايجوڪيشن پرويز سيهڙ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته 2008ع کان استادن جي ڀرتين تي ڪابه پابندي نه آهي، پر گهربل ٽيچنگ اسٽاف ٿرڊ پارٽي / سٺي ساک جي حامل ادارن ذريعي ڀرتي ڪيا پيا وڃن. هن سوال ڪيو ته مختلف ضلعن ۾ ڪيترا استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن؟. صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر وڏي وزير کي ٻڌايو ته 3700 استاد جون پگهارون انهن جي سندن جي تصديق جي ڪري روڪيون ويون آهن. هن چيو ته ان جي باوجود ته قومي اخبار ذريعي ڪيترائي نوٽيس شايع ڪرڻ بعد رڳو 16 استادن پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. وڏي وزير سيڪريٽري تعليم کي هدايت ڪئي ته هُو ان معاملي جي جاچ ڪري ۽ غيرقانوني ڀرتين جا آرڊر جاري ڪرڻ، فراڊ ۽ جعلسازي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته مان تعليم جي شعبي ۾ ميرٽ ۽ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندس. هن چيو ته ملڪ خاص طور تي سنڌ جو مستقبل تعليم تي آهي، انڪري اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ايمانداري ۽ جذبي سان ڪم ڪريون. سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن عزيز عقيليءَ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تعليم جي شعبي ۾ پرڏيهي امداد تحت 6 مختلف منصوبا جاري آهن، انهن ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سنڌ ايجوڪيشن رفارم پروگرام (ايس اي آر پي I/II) 66 ملين ڊالرز جو سنڌ گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيشن (ايس جي پي اي) ان لاءِ به فنڊ ورلڊ بينڪ، يورپين يونين ۽ ٻين ڊونرز فراهم ڪيا آهن. اي يو سنڌ ايجوڪيشن سيڪٽر پروگرام (ايس اي ايس ايس پي)، سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (ايس بي اي پي) آف يو ايس ايڊ، ڪيپسٽي بلڊنگ آف ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ اينڊ ٽريننگ آف ايليمينٽري اسڪولز ٽيچرز آف سي آءِ ڊي اي ۽ جائيڪا جو گرلز ايليمينٽري اسڪولز شامل آهن. ايس اي آر پي هڪ ۽ ٻه بابت ڳالهائيندي سيڪريٽري چيو ته اهي ترتيبوار 355.044 ملين ڊالرز ۽ 321.432 ملين ڊالرز جا پروجيڪٽس آهن، انهن ٻنهي منصوبن جا ٻه حصا آهن. ايليجيبل ايسپينڊيچر پروگرام (اي اي پي) ٽيڪنيڪل اسسٽينٽ (ٽي اي). ايس اي ايس ايس پي بابت روشني وجهندي هن چيو ته ان تحت ايجوڪيشن گورننس، پهچ ۽ معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي. اي يو تحت 25.5 ملين يورو جي (16-2015ع) ۾ بجيٽ ۾ سپورٽ ڪيو ويو، ايندڙ پروگرامن تحت 50 ملين يورو جا وعدا ڪيا ويا آهن. ايس بي اي پي منصوبو يو ايس ايڊ جي فنڊ تحت 155 ملين ڊالرز جو آهي، ان منصوبي تحت 106 اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن، ان منصوبن جي ٻين حصن ۾ سنڌ ريڊنگ پروگرام، ڪميونٽي موبيلائيزيشن پروگرام، سنڌ ڪيپسٽي ڊولپمينٽ پروگرام ۽ آرڪيٽيڪچرل اينڊ انجنيئرنگ سپورٽ پروگرام شامل آهن. سنڌ حڪومت به ان منصوبي ۾ 1.02 ملين رپين جي فنانسنگ ڪئي آهيئ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايس بي اي پي پروگرام تحت 7 ضلعن ۾ 106 اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن، اڃا تائين 16 اسڪول مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 63 اسڪول تي ڪم جاري آهي. سيڪريٽري تعليم عزيز عقيليءَ چيو ته مڪمل ٿيندڙ 16 اسڪولن مان 9 اسڪول پي پي پي موڊ تحت حوالي ڪيا ويا آهن. حوالي ڪيل 9 اسڪول خيرپور ۽ سکر ضلعن جي مختلف ڳوٺن ۾ واقع آهن. 10 وڌيڪ اسڪول هن مهيني جي آخر ۾ حوالي ڪيا ويندا. 1.3 بلين رپين جا سي آءِ ڊي اي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي عزيز عقيليءِ چيو ته ان پروگرام تحت 1016 هيڊماسترن کي تربيت ڏني وئي آهي. 100 هيڊماسترن جو ٽن هفتن وارو تربيتي پروگرام هن مهيني شروع ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر ۾ مڪمل ٿيندو. 700 نوان ترقي حاصل ڪندڙ هيڊماسترن لاءِ ٽن هفتن وارو تربيتي پروگرام هن مهيني ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي ترقي حاصل ڪندڙ 700 هيڊماسترن جي تربيت وارو پروگرام به جلد شروع ٿيندو. هن چيو ته ان پروگرام  تحت 3416 هيڊماسترن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گرلز اسڪولن کان ايليمينٽري اسڪول اپ گريڊنگ جائيڪا پروگرام بابت ٻڌائيندي چيو ته اهو پروگرام ٻن مرحلن ۾ آهي، ان جي اصل ۾ 2013ع ۾ ٻن بلين رپين جي ان پروگرام جي ايڪنيڪ کان منظوري ڏني وئي هئي ۽ ان ۾ جائيڪا جو حصو 1.66 بلين رپيا جڏهن ته سنڌ حڪومت جو 409 ملين رپيا حصو هو. پروگرام جا ٻه حصا آهن ڏاکڻو پاسي ۽ اتريون پاسو ۽ اهو جون 2019ع ۾ مڪمل ٿيندو. پروگرام جي ٻين مقصدن ۾ پهچ جي بهتري ۽ جينڊر گيپ جو تدارڪ، ٻهراڙي ۽ شهري فرق کي ختم ڪرڻ ۽ گرلز ايليمينٽري اسڪولن جي ضلعن ۾ ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ شامل آهي. هن چيو ته 54 اسڪولن مان 39 مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 25 تعمير هيٺ آهن، جيڪي مڪمل ٿي چڪا آهن، 10 ميرپورخاص، 2 حيدرآباد، 6 ڄام شورو، 3 بينظيرآباد، 6 بدين ۽ 2 ٽنڊوالهيار ضلعن ۾ آهن. وڏي وزير صوبائي تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو ميرٽ تي توجهه ڏئي ۽ فنڊن جي صحيح ۽ مناسب استعمال کي يقيني بڻائي ڇاڪاڻ ته اهو تمام اهم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *