وڏي وزير سي ايم هائوس اڳيان ايم ڪيو ايم جي ڌرڻي کي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، متحده جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير پاران ايم ڪيو ايم جي سي ايم هائوس آڏو احتجاج کي حملو قرار ڏيڻ تي متحده ميمبرن سخت احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو آهي، سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته متحده وارن احتجاج نه پر غنڊا گردي ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم وارن ۾ سگهه آهي ته سندس تقرير کي پورو ٻڌن ها، ڪراچي ڪنهن هڪ نه پر سڀني جو شهر آهي، ڪنهن کي به شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سنڌ اسيمبلي جو معمول موجب هلندڙ اجلاس ان وقت مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، جڏهن ايم ڪيو ايم ميمبرن پاران ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو معاملو اٿاريو ويو. متحده اڳواڻ خواجه اظهار چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو اغوا ڪري رهيا آهن، جنهن بعد انهن جا لاش ملن ٿا پر ڪو به سندن آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، آپريشن رڳو متحده خلاف ٿي رهيو آهي. خواجه اظهار چيو ته ڪارڪنن جي قتل خلاف سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويو پر 10 کان ڪلاڪ کان وڌيڪ گذرڻ باوجود نه ڪو حڪومتي عملدر آيو نه ئي وڏو وزير گهر مان نڪتو. خواجه اظهار جي خطاب بعد وڏي وزير سيد قائم علي شاهه دونهادار تقرير ڪندي متحده ميمبرن کي سخت جواب ڏنو. وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم وارن سندس غير موجودگي ۾ احتجاج نه پر سي ايم هائوس تي حملو ڪيو آهي، شرجيل ميمڻ ڪيترائي ڀيرا قمر منصور کي فون ڪري ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي پر هن انڪار ڪيو. وڏي وزير جي اهڙي تقرير تي متحده ميمبرن سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي ڊائيس جي سامهون اچي ويا ۽ سخت احتجاج ڪندي  شيم شيم جا نعرا هنيا. متحده ميمبرن جي نعريبازي باوجود وڏي وزير پنهنجو خطاب جاري رکيو ۽ چيو ته جيڪڏهن کيس ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ته پوءِ ڪير به هن ايوان ۾ نه ڳالهائي سگهندو، هن ايم ڪيو ايم وارن جي ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکيو آهي، وٽس سگهه آهي ته پوري تقرير ٻڌن. متحده وارن وڏي وزير جو موڊ ڏسي ايوان ۾ وڌيڪ ويهڻ جي زخمت نه ڪئي ۽ سمورا ميمبر نعريبازي ڪندي واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. ايم ڪيو ايم جي واڪ آئوٽ کانپوءِ به وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خطاب جاري رکندي چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن سمورين پارٽين اتفاق راءِ سان شروع ڪيو آهي، جيڪو ڪاميابي سان جاري آهي، رينجرز ۽ پوليس کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي، ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف به سندن ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي آهي، خبر ناهي ايم ڪيو ايم کي ئي ڇو ڪراچي آپريشن کان خدشا آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته تحفظ پاڪستان آرڊيننس تحت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اختيار ڏنا ويا آهن پر امن امان قائم ڪرڻ سياسي پارٽين جي به ذميواري آهي. وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ طرف ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي ته ٻي پاسي فوجي عدالتن جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، ٻڌايو وڃي ته 12 مئي واقعي وقت ڪنهن جي حڪومت هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *