وڏي وزير سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ کين ڀتي جو چٺيون ملڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ کين ڀتي جون چٺيون ملڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي پي ايم اي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. ڳالهين لاءِ طلب ڪيل پي ايم اي اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر مجتبيٰ ميمڻ، ڊاڪٽر ادريس ايڌي، ڊاڪٽر قاضي واسق ۽ ڊاڪٽر پير منظور شامل آهن. ڊاڪٽرن تصديق ڪئي آهي ته سي ايم هائوس مان کين ڳالهين لاءِ طلبيءَ جي دعوت ملي آهي. ياد رهي ته پي ايم اي پاران ڀتي جون چٺيون ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري معاملي  تي ڪجهه ڏينهن کان سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري هو ۽ ڊاڪٽرن اعلان ڪيو هو ته سومر واري ڏينهن کان سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ اڄ کين سي ايم هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته وڏو وزير ڊاڪٽرن کي خاطري ڪرائيندو ته سندن تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ غير معمولي قدم کنيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *