وڏي وزير سرڪاري ملڪيتن بابت هلندڙ ڪيسن ۾ روينيو کاتي جي آفيسرن جي سست رويي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه عدالتن ۾ سرڪاري ملڪيتن بابت هلندڙ ڪيسن ۾ سنڌ روينيو ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن پاران سست رويي جو سختي سان نوٽيس وٺندي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي حڪم ڏنو آهي ته هو عدالت ۾ کاتي جي ڪيسن جي پيروي ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪاروائي ڪري، وڏي وزير ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي اختيارن ۾ واڌ ڪندي ان کي بورڊ آف روينيو ۽ ڪي ايم سي جا قانوني اختيار ڏيندي انهن کاتن جي آفيسرن ۽ قانوني ماهرن کي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سان تعاون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن عدالتن ۾ انهن ڪيسن جو صحيح طريقي سان دفاع ڪري سگهجي. اهڙا حڪم هن ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ بورڊ آف روينيو ۽ ڪي ايم سي جي مليڪتن بابت قانوني معاملن جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنا. سيد قائم علي شاهه چيو ته سرڪاري زمين عوامي ملڪيت آهي ۽ اسان هر قيمت تي ان جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين جيڪو به ان ملڪيت جي تحفظ جي سلسلي ۾ ڪا غفلت ڪندو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته هڪ مضبوط ليگل ٽيم جوڙڻ جي لاءِ هو اهليت جي بنياد تي 2 ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڀرتي ڪري جن جي خدمت مختلف سرڪاري ادارن جي حوالي ڪئي وڃي ته جيئن هو عدالتن ۾ سرڪاري ملڪيتن جي حوالي سان ڪيسن جي موثر طريقي سان پيروي ڪري سگهن. وڏي وزير روينيو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو عدالتن ۾ ٺوس ثبوت ۽ دستاويزي ثبوتن سان ڪيسن جي پيروي ڪن. هن روينيو آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته هو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سان عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي ڪرڻ جي حوالي سان مڪمل تعاون ڪن. ان موقعي تي بلديات ۽ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي سرڪاري زمينن تي لينڊ مافيا جو قبضو آهي. هن چيو ته لينڊ ۽ قبضا مافيا سرڪاري پلاٽن تي غير قانوني قبضا ڪري شادي هالن سميت مختلف قسمن جو اڏاوتون ڪري ڇڏيون آهن پر وڏي عرصي کان انهن کي ڪير به چوڻ وارو ناهي ۽ ان سلسلي ۾ عدالتن ۾ پيل ڪيسن جي ڪير به پيروي نٿو ڪري. هن مشورو ڏنو ته اي جي سنڌ بورڊ آف روينيو سان گڏ ڪي ايم سي جي قانوني معاملا به پنهنجي هٿ ۾ کڻي ۽ ڪي ايم سي جي پراپرٽي/ زمينن بابت ڪيسن جي به پيروي ڪري ۽ قبضا خورن کي عدالتن ۾ چالان ڪري. وڏي وزير ان تجويز جي منظوري ڏيندي ان کي اهڙن ڪيسن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي جن جي خلاف عدالت جو در کڙڪايو وڃي ۽ غير قانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن. هن بورڊ آف روينيو جي آفيسرن کي به هدايت ڪئي ته هو ان ملڪيت / پراپرٽي جو رڪارڊ ۽ ٽرانزيشن تي نظر رکي وڃي ته جيئن ڪا به غلطي نه ٿئي. ان موقعي تي عبد الفتاح ملڪ وڏي وزير کي شڪايت ڪئي ته سرڪاري آفيسر خاص ڪري روينيو کاتي جي آفيسر عدالتن ۾ پنهنجي ڪيسن ۾ ڪا دلچسپي نٿا وٺن ۽ نه ئي ڪيسن جي حاضري تي اچن ٿا. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن انهن جو اهو رويو رهيو ته عدالت سرڪار جي غير حاضري جي بنياد تي ٻئي ڌر جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي جنهن سان سنڌ حڪومت کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي اجلاس ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو شاهد گلزار شيخ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، سيڪريٽري قانون مير محمد شيخ، ايڊووڪيٽ جنرل عبد الفتاح ملڪ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *