وڏي وزير سان چيئرمين اين ڊي ايم اي جي ملاقات، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان چيئرمين نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جنرل اصغر نواز سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ورتل اپائن، رليف، ريسڪيو سرگرمين تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ترقيات محمد وسيم ۽ پي ڊي ايم اي جو ڊي جي سيد سلمان شاهه موجود هو، وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته موسم جي تبديلين سبب قدرتي آفتون معمول بڻجيچڪيون آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي سطح تي هڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ سمورا صوبا به پنهنجو ڪردار ادا ڪن، 2010 ۽ 2011 ۽ 2012 ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ ٽن سالن تائين مسلسل خشڪ سالي کي منهن ڏيڻو پيو، ٿر ۽ پنجاب ۾ چولستان جا علائقا سخت متاٿر ٿيا، اسان خشڪ سالي جي دوران ٿرپارڪر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ سان گڏ چوپائي مال لاءِ چارو فراهم ڪيو، هن چيو ته تازي ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت مارچ کان تياريون شروع ڪيون هنيون، پي ڊي ايم اي، آبپاشي کاتو ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي سخت قدمن جي هدايت ڪئي هئي، هن وقت پاڻي جو وڏو وهڪرو سنڌو دريا مان لنگهي رهيو آهي، آبپاشي کاتو، پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا الرٽ آهي، وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته هي ٻوڏ جو ريلو بنا ڪنهن نقصان سمنڊ تائين پهچي ويندو، هن ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿئي ٿو پر ائين ناهي سمنڊ ۾ دريا جو پاڻي وڃڻ ضروري آهي، ڇو ته سمنڊ ۾ تازو يا مٺو پاڻي نه وڃڻ سان بدين ۽ ٺٽي جي ساحلي علائقن جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، هن چيو ته سنڌو دريا ۾ ٻوڏ جي صورتحال باوجود ڪچي جا ماڻهو پنهنجي علائقي کي نٿا ڇڏين، جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاڻي اچڻ کانپوءِ ڪچي جي رهواسين ۽ سندن مال کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *