وڏي وزير سان اڳوڻي صوبائي وزير اختر جدون جي ملاقات،

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ٽرانسپورٽ واري اڳوڻي وزير اختر حسين جدون، وزير بادشاهه جدون ۽ لعل بادشاهه جدون وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ آباد پختونن جي مسئلن ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جدون برادرز سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستن پيپلز پارٽي ڪراچيءَ کان خيبر تائين سمورين قوميتن جي واحد نمائندا پارٽي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي سمورن علائقن ۾ بنا ڪنهن سياسي فرق جي ڪم ڪري رهي آهي، ڪياماڙيءَ جي علائقي ۾ 100 بسترن واري اسپتال ۽ 5 آر او پلانٽ جلد مڪمل ڪيا ويندا ۽ ان آر او پلانٽس کي سولر انرجي تي هلايو ويندو ته جيئن ماڻهو بنا ڪنهن تعطل جي پاڻي حاصل ڪري سگهن. ملاقات ۾ جدون ڀائرن وڏي وزير کي پختونن کي درپيش مسئلن بابت ڄاڻ ڏني. هنن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر پختون آبادي پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي پارٽي سمجهن ٿا ۽ اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *