وڏي وزير جي چيني وفد سان ملاقات، ڪراچي ۾ ٽرام گاڏي هلائڻ ۾ دلچسپي ظاهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چائنيز سيڙپڪار ڪمپني ڪراچي ۾ ٽرام گاڏي هلائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي چيني ڪمپني جي پيش ڪش تي غور ويچار جي هدايت ڪئي آهي. چيني سيڙپڪارن جي وفد سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري ڪراچي ۾ جديد ٽرام گاڏين هلائڻ لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي. وڏي وزير چيني وفد کي چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا بهتر موقعا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي ڪراچي ۾ ٽرام گاڏيون هلائڻ واري چيني ڪمپني جي آڇ تي غور وياڇر ۽ چيني سيڙپڪارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير سان مسيحي برادري جي بشپ صادق ڊينئل به ملاقات ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير بشپ ڊينئل سان ملاقات دوران چيو ته اقليتي برادري سندن خوبصورتي آهن، هو کين اقليتي نه پر پنهنجو سمجهندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *