وڏي وزير جي صدارت ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو اجلاس، آءِ جي سنڌ جي عدم شرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار، ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي پبلڪ سيفٽي ايند پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ گڏيل هڪ قرارداد پاس ڪئي جنهن ۾ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام جي لڳاتار ٻئين اجلاس ۾ غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ سندس ميمبرن، ايم پي ايز شرجيل انعام ميمڻ، امداد علي پتافي، محمد علي عزيز، شهناز بيگم، شميم ممتاز، ڪرامت علي، ايڊوڪڪيٽ جهمت مل، قربان علي ملاڻو، قانون وارو صوبائي صلاحڪار  مرتضيٰ وهاب خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊن ۾ گٽڪي تي پابندي، مين پڙي ۽ منشيات جي اسمگلنگ/ٺاهيندڙ خلاف ڪيل ڪارروائي، کين گرفتاري ۽ جائيدد ضبط ڪرڻ ۽ عدالتن ۾ پيش ڪيل چالان- آئي جي کي هڪ جامع رپورٽ پيش ڪرڻي هئي. آئي جي پاران شهيد بينظير آباد يونيورسٽي جي شاگردن جا مسئلا، محراب پور ۾ ٻارڙي تي تشدد واري واقعي ۽ پير جو ڳوٺ ۾ هڪ ٻار جي خودڪشي جي ڪيس بابت پيش ڪيل تفصيلي رپورٽن جو جائزو، آئي جي پوليس پاران ڪي پي آئيز سان سالياني پوليسنگ پلان، ڪميشن جي آفيس لا جڳهه، ڊسٽرڪٽ پبلڪ سيفٽي ۽ پوليس ڪمپلينٽ ڪميشن جي قيام تي ٿيندڙ اڳڀرائي، ڪميشن لاءِ ميمبرن جي ضلعي چونڊن جي پينل ۽ قانون جو طريقيڪار شامل آهن. آئي جي پوليس جنهن ڊرگ مافيا خلاف ٿيندڙ ڪارروائي بابت رپورٽ يپش ڪرڻي هئي، هو  اجلاس ۾ موجود نه هو. پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته آئي جي پوليس هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ويا آهن. وڏي وزير چيو ته مونکي آئي جي پوليس ٻڌايو هو ته ان کي وزيراعظم پاران سڏايل هڪ هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃڻو آهي جنهن لاءِ کيس سڏايو ويو آهي. ڪميشن جي ميمبرن مان هڪ ٻڌايو ته هو ڪو هنگامي اجلاس نه هو پر اهو ڊسمبر کان پهرين جو هڪ شيڊول اجلاس هو. ڪميشن جي ميمبرن چيو ته هي لڳاتار ٻيو اجلاس آهي جنهن ۾ آئي جي پوليس شريڪ ڪونهي. هن چيو ته کيس محسوس ٿي رهيو آهي ته آئي جي پوليس اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تيار نه آهي. ڪميشن جي هڪ سينئر ميمبر ڪرامت علي ڪميشن جي ٻين ميمبرن جي صلاح سان هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ آئي جي پوليس جي لڳاتار ٻئي اجلاس کان غير حاضري تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيوي ويو ته آئي جي پوليس اسلام آباد ۾ هڪ سياسي اجلاس ۾ شرڪت کي ترجيح ڏني ۽ سنڌ ۾ اسٽيٽو باڊي اجلاس ۾ شرڪت کان گريز ڪيو. ڪميشن آئي جي پوليس جي غير حاضري خلاف گڏيل قرارداد کي منظور ڪيو. ڪميشن قرارداد جي منظوري کانپوءِ آئي جي پوليس ڪراچي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آئي جي يعقوب منهاس ۽ ڊي آئي جي خالق شيخ کي اجلاس ۾ گهرايو ۽ ڪرامت علي انهن کي ڪميشن پاران جنهن ۾ آئي جي پوليس جي غير حاضري بابت ڪاوڙ مشاهدو ڪيو ويو آهي بابت پاس ٿيندڙ قرارداد ۾ ٻڌايو ويو. ڪرامت علي ايڊيشنل آئي جي پوليس ڪراچي کي ٻڌايو ته ڪميشن آئي جي پوليس بابت ايجنڊي واري آئيٽم کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فقط انتظامي نوعيت جي آئٽمن تي غور ڪيو ويو. ڪميشن جي ميمبرن ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته وفاقي حڪومت آئي جي پوليس ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جيڪي سنڌ اندر خدمت ڪري سرانجام ڏئي رهيا آهن انهن پاران وڏي وزير  کي ڄاڻ ڏيڻ کانسواءِ گهرايو پيو وڃي. اصولي طور انهن کي گهرجي ته صوبي جي چيف ايگزيڪٽو ذريعي اجلاسن ۾ گهرايو وڃي. ڪميشن ٻين ايجنڊن سميت ڪميشن لاءِ جاءِ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو. ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه آفيسن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي ميمبرن پاران انهن آفيسن جو دورو ڪرڻو آهي ته جيئن انهن منجهان ڪنهن هڪ جو انتخاب ڪري حتمي شڪل ڏني وڃي. جيتريقدر ڪميشن جي رولز ۽ طريقيڪار جو تعلق آهي ته لاڳاپيل ايڊوڪيٽ جهمت مل اجلاس کي ٻڌايو ته هن وڌيڪ ميمبرن جي شموليت بابت قاعدا جوڙيا آهن ان ڪري ڪميشن جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو پنهنجا ويچار پيش ڪن ته جيئن رولز ۽ طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏني وڃي. ڪميشن جي سيڪريٽري سيف الله ابڙو ميمبرن کي ٻڌايو ته هن ضلعي انتظاميا کان درخواست ڪئي آهي ته هو ڊسٽرڪٽ پبلڪ سيفٽي اينڊ پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن لاءِ نالن جي سفارش ڪن ته جيئن ان جو قيام عمل ۾ آڻي سگهجي. ڪميشن جي ميمبرن فيصلو ڪيو ته ڪميشن جو چوٿون اجلاس 10 ڏينهن اندر سڏرايو ويندو جنهن ۾ پوليس بابت شڪايتن تي غور ڪيو ويندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *