وڏي وزير جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس، نئين سال جي رات ڊبل سواري تي پابندي لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)) 12 ربيع الاول جي موقعي لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ سان گڏ 30،000 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا ۽ نئين سال جي رات تي امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 7000 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. اهو  وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه کي هڪ اعليٰ لا اينڊ آرڊر ميٽنگ ۾ ٻڌايو ويو جيڪا اڱاري جي شام تي وزير اعليٰ هائوس۾ منعقد ٿي. آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي وزير اعليٰ کي بريبفنگ ڏيندي چيو ته 12 ريبع الاول تي 251 ننڍا وڏا جلوس ڪڍيا ويندا جن ۾ 7 وڏا جلوس نڪرندا جنهن ۾ جلوسن جي اڳواڻي ناميارا مذهبي رهنما ۽ عالم ڪندا. آئي جي وڌيڪ ٻڌايو ته 12 ربيع الاول تي ڪل 30000 کان مٿي پوليس جا جوان جلوسن جي گذرگاهن سان گڏوگڏ مقرر ڪيا ويندا ۽ ساسڻس گڏوگڏ انٽيليجينس نيٽورڪ به لڳايو ويندو ته جيئن جلوسن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي صحيح طرح سان نظر رکجي سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جاسوس ڪتا ۽ ڪيمرائن جي مدد سان به جلوسن تي نظر رکي ويندي. نئين سال جي تقريبات تي نظر رکڻ لاءِ 7000 هزار پوليس اهلڪار شهر ڀر ۾ مقرر ڪيا ويندا. ان کان علاوه سي ويو طرف ويندڙ روڊ مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو پر گڏوگڏ اندر ۽ ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ ننڍا رستا کوليا ويندا، جيئن اتان جي رهائشن کي ڏکيائي درپيش نه ٿي جنهن کان پهريان ئي ڊي ايڇ اي، ڪينٽنمينٽ ۽ ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر اڳاهه ڪيو آهي. گهرو کاتي جي سيڪريٽري نياز عباسي چيو آهي ته ايندڙ نئي سال جي رات 31 ڊسمبر جي شام کان وٺي پهرين جنوري جي صبح تائين ڊبل سواري تي پابندي هوندي. جن موٽر سائيڪلين کي آواز واري سائلينسر ن سان ڏٺو ويندو انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. گهرو کاتي جي سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته آپريشن ضرب عزب ۽ دهشتگردن کي ڦاهي جي سزائن جي پيش رفت شهرن جي سيڪورٽي کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهر جي مختلف علائقن مان ڀتو ۽ چندو اڳاڙيو وڃي ٿو جنهن جو ڪجهه حصو دهشتگردن کي به ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي لاءِ متعلقه ادارن کي اڳاهي ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪراچي ۾ 9 لک افغان پناهگير رهن ٿا جن مان صرف 58 هزار نادرا وٽ رجسٽرڊ آهن. وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته افغان پناهگيرن جو معاملو وفاقي حڪومت سان فورن کنيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ بلخصوص ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪري سگهجي. گهرو کاتي جي سيڪريٽري وزير اعليٰ سنڌ کي ٻڌايو ته اڄ (اربع) وفاقي وزير داخله چودري نثار علي خان جي زير صدارت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شرڪت لاءِ مونکي اجازت ڏني وڃي. وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي اجازت ڏيندي چيو ته وفاقي وزير داخلا سان سنڌ حڪومت طرفان اهو مسئلو اٿاريو وڃي ته ڪراچي ۾ سيپٽمبر 2013 ۾ شروع ٿيندڙ ٽارگيٽڊ آپريشن جي لاءِ 10 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو جنهن مان هن وقت تائين هڪ رپيو به جاري نه ٿيو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر رينجر اجلاس کي ٻڌايو ته رينجرز ۽ سنڌ پوليس گڏجي ڪراچي ۾ امن امان جي حوالي سان ضروري اپاءَ ورتا آهن، خاص طور تي 12 ربيع الاول نئي سال جي رات ۽ چپ تازيه جي موقعي تي سڪيورٽي تمام سخت ڪئي ويندي. جنهن تي وزير اعليٰ سنڌ تمام قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ اهم عمارتن خاص ڪري اسڪولن جي سڪيورٽي لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *