وڏي وزير ايس پي صدر۽ ايس ايس يو جي 15 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه، ايس پي صدر ۽ ايس پي اسپيشل سيڪيورٽي يونيٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي تحفظ نه ڏيڻ سبب معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پيشي واري ڏينهن منهن ڍڪيل پوليس وارن ميڊيا کي تشدد جو نشانو بڻائي هاءِ ڪورٽ جي توهين ڪئي،  جنهن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ان معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو.ڪالهه واري پيشي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي نوٽيس موڪليو ته منهن ڍڪيل پوليس وارن خلاف  سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.ان معاملي تي اڄ وڏي وزير هڪ ميٽنگ گهرائي جنهن ۾ ايس يو جي، جي 15 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *