وڏي تباهي جو منصوبو ناڪام، ڪراچي مان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هٿيارن جي وڏي کيپ پڪڙي وئي

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ حساس اداري جي نشاندهي تي پوليس ڪارروائي ڪري ڪراچي جي تاريخ ۾ هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي آهي، هٿيارن ۾ اينٽي ايئر ڪراف، اينٽي ٽينڪ به شامل آهي، تفصيل موجب عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو ويجهو حساس اداري جي نشاندهي تي پوليس هڪ خالي گهر ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن دوران زمين اندر پاڻي جي ٽينڪ لڪايل وڏو اصلحو هٿ ڪيو ويو، ان اصلحي ۾ راڪيٽ لانچر، اينٽي ايئر ڪراف گن، ڪلاشنڪوف، ايل ايم جي، ايس ايم جي، جي ٿري، ايم 16 رائيفل، نائين ايم ايم پسٽل سميت جديد قسم جا هٿيار شامل آهن، ذريعن موجب هٿ ڪيل هٿيارن ۾ 2 سئو کان وڌيڪ راڪيٽ لانچر ۽ هزارن جي انگ ۾ رائيفل گرنيٽ ۽ لاتعداد گوليون به شامل آهن، ڇاپي دوران وڏي انگ ۾ بلٽ پروف جيڪيٽس ۽ هيلٽمينٽ به هٿ ڪيا ويا آهن، ڪارروائي کانپوءِ پوليس گهر کي لاوارث ڇڏيل هڪ ٽينڪ ۾ ٻوريون ۽ گوليون پيل هيون، ذريعن موجب هٿ ڪيل هٿيار سياسي پارٽي جو ٻڌايو پيو وڃي، پوليس مطابق گهر مان هن وقت تائين جيترا هٿيار هٿ ڪيا آهن ايترا شهر جي تاريخ ۾ هن وقت تائين ڪنهن به ڪارروائي ۾ هٿ نه ڪيا ويا آهن، اصلحي جي کيپ کي 3 ٽرڪن ۽ پوليس موبائيل ۾ منتقل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *