وڌيڪ گڏ نٿا هلي سگهون: مشهور گلوڪاره صنم ماروي ۽ حامد خان ۾ خلع ٿي وئي

 

لاهور (شوبز نيوز) لاهور جي فيملي ڪورٽ پاڪستان جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي ۽ حامد خان کي خلع جي ڊگري جاري ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هو ٻئي الڳ ٿي ويا، جج ثناء افضل واهله صنم ماروي جي خلع جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، صنم ماروي جو چوڻ هو ته هو هاڻ حامد خان سان وڌيڪ گڏ نٿي رهي سگهي، تشدد ڪندو آهي ۽ گاريون ڏيندو آهي، عدالت بيان ٻڌڻ کانپوءِ خلع جي ڊگري جاري ڪري ڇڏي، ياد رهي ته صنم ماروي هلندڙ سال 7 فيبروري تي پنهنجي مڙس حامد خان کان خلع جي لاءِ لاهور فيملي ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ حامد مقبول جي ذريعي درخواست ڏني هئي، گلوڪاره موقف اختيار ڪيو هو ته مڙس ان تي تشدد ڪري ٿو ۽ غلط زبان استعمال ڪندو آهي، ان سان وڌيڪ گڏ نٿي رهي سگهان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *