وڌيڪ تيز ڳالهائڻ سان مصطفيٰ ڪمال ليڊر نه بڻجي ويندو: نثار کهڙو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته وڌيڪ تيز ڳالهائڻ سان مصطفيٰ ڪمال ليڊر نه بڻجي ويندو، ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته ڪنهن کي الڳ نه ٿيڻ ڏينداسين، دل مان خيال ڪڍي ڇڏيو، جيڪو ٻاهر ويهي ڳالهيون پيو ڪري، اهو ٻڌي وٺي سنڌ جي ورهاست ٿيڻ نه ڏينداسين، نثار کهڙو چيو ته نواز شريف 4 ڏينهن جيل ۾ روئي روئي گذاريا، آصف زرداري جيل ۾ 11 سال گذاريا، نواز شريف هڪ سال جيل ۾ نٿو گذاري سگهي، عمران خان اسپتال لاءِ پرويز مشرف کان 2 ڪروڙ رپيا ورتا، هن چيو ته نڪاح نامي ۾ حق مهر جمائما جو هيو يا عمران خان جو؟، عمران خان چوي ٿو جمائما بني گالا جي لاءِ رقم ڏني هئي، جمائما کي طلاق ٿي وئي هئي، ڇا اها حق مهر ۾ پئسا ڏئي وئي هئي؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *