وڌندڙ آبادي قومي نوعيت جو مسئلو آهي، سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي پارٽي 6 نون قانونن تي ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو، جيڪي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي تي فوري طور ڌيان ڏيڻ واري موضوع تي هڪ ڏينهن جي سمپوزيم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته مون کي خوشي آهي اسان جي حڪومت شروعاتي 100 ڏينهن ۾ ئي نون قانونن جي تياري ڪري ورتي، سول ۽ ڪرمنل پروسيجر ڪورٽ ۾ ترميمن جو امڪان آهي. سندس چوڻ هو ته مان پهريون وزيراعظم آهيان جنهن کي چيف جسٽس دعوت ڏني، ٿورائتو آهيان جو مان عدالت ۾ پيش نه ٿيس. عمران خان چيو ته مديني جي رياست جي ڪاميابي قانوني جي حڪمراني تي ٻڌل هئي ۽ اهو ئي معاشرو ترقي ڪندو آهي جتي قانون جي بالادستي هجي. ڊيمن بابت وزيراعظم چيو ته چيف جسٽس سوال اٿاريو ته اسان ڊيمن جي پلاننگ نه ڪئي ۽ پاڻي جي مسئلي تي آواز اٿاريو پر اهي معاملا حل ڪرڻ جمهوري حڪومتن جي ذميواري هئي. هن ڪنهن به سياسي جماعت جو نالو کڻڻ کانسواءِ الزام هنيو ته اڳوڻين جمهوري حڪومتن پنهنجي سياسي بقا لاءِ ڊيمن جا مسئلا حل نه ڪيا ۽ ڊگهي رٿابندي کان پاسو ڪيو. پاناما پيپرز جو حوالو ڏيندي سندس چوڻ هو ته اڳ ادارا ڪنهن اعليٰ شخصيت خلاف ڪم نه ڪندا هئا پر سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو هڪ موجوده وزيراعظم کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو، جيتوڻيڪ سي ڊي اي وزيراعظم جي ماتحت ادارو آهي، ان باوجود بني گالا ڪيس ۾ مون کان سوال ڪندو آهي ۽ عدالت جي ضابطي موجب آگاهه رکندو آهي. عمران خان چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي واري مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو، پاڪستان آبي وسيلن جي کوٽ کي به منهن ڏئي رهيو آهي، وڻن جي واڍي به عروج تي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان عالمي ماحولياتي تبديلي مان متاثر ملڪن جي فهرست ۾ ستين نمبر تي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته شهرن جي واڌ به آبادي تي اثرانداز ٿيندي آهي، حڪومتي ترجيحن ۾ وڌندڙ آبادي بابت مسئلو گهڻو پوئتي هو پر چيف جسٽس طرفان ان مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃون ٿا، حڪومت ان معاملي ۾ ٽاسڪ فورس به ٺاهي آهي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي قومي نوعيت جو مسئلو آهي، جنهن ۾ قيادت، سول سوسائٽي ۽ عالمن کي مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمپوزيم کي صحت بابت سيڪريٽري زاهد سعيد، آبادي جي ڀلائي بابت آمريڪي ماهر ڊاڪٽر جان بونگاٽز، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيا نشتر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سمپوزيم دوران هڪ دستاويزي فلم به پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي ۽ ان جي مسئلن بابت اجاڳر ڪيو ويو.27

 

ٻئي طرف  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو. وڌندڙ آبادي تي فوري ڌيان واري موضوع تي رٿيل سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته وسيلا محدود ۽ ضرورتون لا محدود آهن، گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڪو به ڌيان ناهي ڏنو ويو، وڌندڙ آبادي جي ڪري اسان جا وسيلا مسلسل دٻاءُ جو شڪار رهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته آبادي ائين ئي وڌندي رهي ته 30 سالن کان پوءِ پاڪستان جي آبادي 45 ڪروڙ هوندي، وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ کي جيڪو حصو وجهڻو هو اُهو وڌو ، هاڻ اسان کي آبادي تي ضابطي جي لاءِ آگاهي ڦهلائڻي آهي ۽ ان حوالي سان عمل ڪم ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته پاڪستان جي بقا جي لاءِ اسان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي زندگي آهي هر سال 7 ارب گيلن پاڻي زمين مان ڪڍيو ويندو آهي، 4 ليٽر پاڻي مان هڪ ليٽر پاڻي استعمال جوڳو هوندو آهي ۽ باقي حصو ضايع ڪيو ويندو آهي جڏهن ته گذريل 40 سالن ۾ ڪو به ڊيم ناهي بڻايو ويو ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي کوٽ جا تباهي ڪندڙ اثر  هوندا. چيف جسٽس چيو ته وزير اعظم  ۽ پارليامينٽ جو سهڪار ضروري آهي هاڻ وقت اچيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڇڏي ڏنو وڃي، اڄ ملڪ ۾ ٻار به هڪ لک رپين کان وڌيڪ جو قرضي ٿي پيدا ٿيندو آهي، اسان ايندڙ نسل لاءِ ڪجهه ڏئي وڃڻ چاهيون ٿا جڏهن ته وزير اعظم مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ان خواب ۽ تصور ۾ عدليه ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ نيڪ نيتي سان وزير اعظم جي ان خواب جي تعمير کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *