ويڊيو اصلي آهي، اصل آڊيو رڪارڊنگ ناصر بٽ وٽ آهي: مريم نواز ايف آئي جي 41 سخت سوالن جو جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جج ارشد ملڪ جي ويڊيو جي حوالي سان ايف آءِ اي کي 41 سخت سوالن جا جواب ڏيندي مريم نواز چيو آهي ته ويڊيو اصلي آهي، اصل آڊيو رڪارڊنگ ناصر بٽ وٽ آهي، جج ارشد ملڪ جي ملاقاتن کي رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪڏهن به نه ڪئي، ججن تي فيصلي ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهندڙن جو اشارو رڪارڊنگ سان ملي ٿو، مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، ارشد ملڪ جي ڪا اعتراض جوڳي ويڊيو ناهي ڏٺي، جڏهن ته ناصر بٽ جج جي ويڊيو پنهنجي مرضيءَ سان رڪارڊ ڪئي. جج ارشد ملڪ جي ويڊيو جي حوالي سان اڳڪٿين دوران ن ليگ نائب صدر مريم نواز ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم سامهون انڪشاف ڪيو آهي ته جج جي ويڊيو اصلي آهي، نه ئي ان کي ايڊٽ ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جي ٽيمپرنگ ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي کي موڪليل پنهنجي تحريري جواب ۾ مريم نواز جج ارشد ملڪ جي ويڊيو جي حوالي سان ڪيترائي انڪشاف ڪيا. هن ٻڌايو ته ويڊيو کي ايڊٽ نه ڪيو ويو پر اسڪرين تي هڪ پاسي ويڊيو هلائي وئي، جڏهن ته باقي اڌ اسڪرين تي اردو ٽرانسڪرپٽ هلائي وئي، ناصر بٽ کيس ٻڌايو ته هڪ آڊيو ڪم ويڊيو آهي ۽ هڪ آڊيو آهي ۽ انهن کي ٻن مختلف ڊوائسز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ناصر بٽ اهو به ٻڌايو ته آڊيو ڪم ويڊيو جنهن ڊوائس ۾ رڪارڊ ٿي اها ساڻس گڏ هڪ شخص جي کيسي ۾ هئي پر ان شخص جو نالو ۽ ڄاڻ خبر ناهي. مريم نواز ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم جي 41 سخت سوالن جا جواب ڏنا، جيڪا جج ارشد ملڪ جي درخواست تي مريم نواز ۽ ن ليگ جي ٻين اڳواڻن خلاف شڪايت جي جاچ ڪري رهي آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته ناصر بٽ ساڻس رائيونڊ ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ اها ويڊيو ڏيکاري، جنهن کي پريس ڪانفرنس دوران هلايو ويو، 10 مئي تي هن هڪ بنا سم جي موبائل موڪلي، جنهن ۾ ڄاڻايل ويڊيو جي نقل هئي. هن ٻڌايو ته ناصر بٽ موجب ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو مقصد انهن حقيقتن ۽ حالتن کي رڪارڊ ڪرڻ هو، جيڪي نواز شريف کي ڏوهاري قرار ڏيڻ ۽ سزا ڏيارڻ جي بنياد تي ٿيون، جن جو انڪشاف جج ارشد ملڪ ڪيو  6 جولاءِ تي پنهنجي پريس ڪانفرنس جو مقصد ٻڌائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته وڏي ناانصافي کي عوام جي نوٽيس ۾ آڻڻو هو، جيڪا العزيزيا ريفرنسز ۾ نواز شريف خلاف فيصلي وقت ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته مان ان ڳالهه تي مضبوطيءَ سان يقين رکان ٿي ته انصاف تائين پهچ بنيادي حق آهي، جنهن جي ضمانت پاڪستان جي سمورن شهرين کي ڏني وئي ۽ ڪنهن به شهري کي انصاف ڏيڻ کان انڪار ان جي زندگي، آزادي، عظمت،  برابري وغيره جي حق کان انڪار جي برابر آهي، اها سڀ جو سڀ بنيادي حق آهن، جن جي ضمانت اسلامي جمهوريا پاڪستان جو 1973ع جو آئين ڏئي ٿو. مريم نواز اهو به تسليم ڪيو ته ناصر بٽ سندن پارٽي جو وفادار ڪارڪن آهي، جنهن جج ارشد ملڪ سان ملاقاتون رڪارڊ ڪيون هيون، مان ڪڏهن به ناصر بٽ کي جج ارشد ملڪ سان ملاقاتون رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت نه ڪئي هئي، ناصر بٽ موجب ويڊيو جو مختصر حصو گهر کان ٻاهر رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ٻيو حصو جج جي گهر ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. ن ليگ اڳواڻ موجب ناصر بٽ پنهنجي مرضيءَ سان اها ويڊيو رڪارڊ ڪئي ۽ ان جو منصوبو به هن پاڻ جوڙيو هو، اصل آڊيو رڪارڊنگ ناصر بٽ وٽ آهي. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته اصل ڊوائس جنهن ۾ ويڊيو آهي اها مون وٽ ناهي، مون کي ناهي خبر ته ملاقات جي آڊيو رڪارڊنگ لاءِ ڪهڙي ڊوائس استعمال ڪئي وئي، اهو ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ، جنهن تي ويڊيو ڏيکاري وئي هئي، اهو ناصر بٽ طرفان موڪليل شخص پريزنٽيشن جي ڏينهن ئي آندو هو پر ڄاڻايل شخص پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ واپس کڻي ويو هو، تنهن ڪري مون وٽ اهو ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ ناهي. ايف آءِ اي ٽيم طرفان مريم نواز جي ان دعويٰ جي حوالي سان پڇيل سوال تي ته ادارا فيصلا ڏيڻ لاءِ ججن کي بليڪ ميل نه ڪن تي مريم نواز جو چوڻ هو ته انهن ادارن جو اشارو پاڻ ان رڪارڊنگ جي پهلوئن سان ملي ٿو، مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي. اڳوڻي وزيراعظم جي نياڻي جج ارشد ملڪ جي اعتراض جوڳي ويڊيو حاصل ڪرڻ جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته مون کي ڪنهن به جج جي اعتراض جوڳي ويڊيو فراهم ناهي ڪئي ۽ نه ئي مان ان جي ڪا اعتراض جوڳي ويڊيو ڏٺي آهي، ناصر بٽ طرفان فراهم ڪيل آڊيو ڪم ويڊيو ۽ آڊيو رڪارڊنگ ۾ جج ارشد ملڪ پاڻ ئي پنهنجي اعتراض جوڳي ويڊيو جو ذڪر ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته ڏيکاريل جج ارشد ملڪ جي ويڊيو نه مان رڪارڊ ڪئي ۽ نه منهنجي چوڻ تي رڪارڊ ڪئي وئي پر اها ناصر بٽ پنهنجي مرضي سان رڪارڊ ڪئي، نواز شريف خلاف فيصلو ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهندڙن جا نالا ٻڌائيندڙن جي ويڊيوز جي حوالي سان مريم نواز چيو ته اهي ويڊيوز مون وٽ ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *