وينا ملڪ کي ٻي شادي لاءِ مذهبي شخص جي ڳولا

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ ٻي شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.تازو نجي ٽي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ پنهنجي پهرين شادي سميت مختلف موضوعن تي ڳالهايو.ٻي شادي بابت سوال اتي وينا ملڪ چيو ته مان ٻي شادي ضرور ڪنديس ۽ جڏهن به ڪئي ته هڪ دين دار شخص سان ڪنديس.هن وضاحت ڪندي وڌيڪ چيو ته مان دين دار شخص سان شادي ان ڪري ڪنديس، ڇو ته اهو الله کان ڊڄندو آهي ۽ جيڪي الله کان ڊڄي اهو پنهنجي گهرواري سان غلط نٿو ڪري سگهي، جيڪو الله کان ناهي ڊڄندو اهو ظالم هوندو آهي.سندس چوڻ هو مان اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ چاهينديس جيڪو خوبصورت هجي، گڏوگڏ مون سان تعلق کي نه رڳو دنيا ۾ نڀائي پر جنت تائين منهنجو هم قدم رهي.وينا ملڪ چيو في الحال ته ٻي شادي لاءِ ڪو نظر ۾ ناهي پر ان دنيا ۾ ڪو نه ڪو ضرور موجود هوندو.واضح رهي ته وينا ملڪ 2013 ۾ اسد خٽڪ سان شادي ڪئي هئي ۽ کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي، هن 2017 ۾ اسد خٽڪ کان خلع ورتي هئي، جڏهن ته ٻارن جي حوالگي جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *