ويلز پليئر جوناٿن ٿامس جو فٽنس مسئلي سبب انٽر نيشنل رگبي تان رٽائرمينٽ جو اعلان

لنڊن (اسپورٽس نيوز)ويلز ۽ ووريٽر واريرز جي فارورڊ جوناٿن ٿامس فٽنس مسئلي سبب انٽر نيشنل رگبي تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٿامس ڊاڪٽرن جي هدايت تي عمل ڪندي انتهائي قدم کنيو آهي. 32 سالن جي ٿامسکي 67 ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي جو اعزاز حاصل ٿيو ۽ هو 2008ع ۽ 2015ع ۾ 6 ملڪي گرينڊ سلامز ٽورنامينٽ کٽيل ويلز اسڪواڊ جو پڻ حصو هو. ٿامس رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته منهنجو رگبي سان گهرو تعلق آهي. انٽر نيشنل سط ح تي ملڪ جي نمائندگي مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ مان انهن گهڙين کي هميشھ ياد رکندس. ڪيريئر دوران ساٿي رانديگرن ۽ اسپورٽس اسٽاف جي سهڪار ڪرڻ تي انهن جو شڪر گذار آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *