ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان وچ ۾ 4 ٽي 20 ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

بارباڊوس(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 4 ٽي 20 ميچن جي پهرين ميچ سڀاڻي آچر ڏينهن بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. قومي ٽيم ويسٽ انڊيز جي دؤري دوران 4 ٽي 20، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽي 20 سيريز جي ٻي ميچ 30 مارچ تي پورٽ آف اسپين، ٽين ميچ پهرين اپريل تي ٽرينڊاڊ ۽ چوٿين ميچ 2 اپريل تي پورٽ آف اسپين ٽرينڊاد ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 7 اپريل تي گيانا ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي ميچ 9 اپريل تي ساڳئي هنڌ، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچن 11 اپريل تي ساڳئي هنڌ ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 22 اپريل تي جيميڪا ۾ شروع ٿيندي، ٻي ٽيسٽ ميچ 30 اپريل کان بارباڊوس ۾ شروع ٿيندي، اهڙي طرح آخري ٽيسٽ ميچ 10 مئي کان ڊومنيڪا ۾ شروع ٿيندي. ويسٽ انڊيز لاءِ ٽي 20 ۽ ون ڊي ٽيمن جي ڪپتاني سرفراز احمد حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽيسٽ ٽيم جي قيادت مصباح الحق ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *