ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڊيرن سمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ڏيڻ جي آڇ

پشاور (شوبز نيوز)  خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ پاڪستان سپر ليگ ۾ پشاور زلمي طرفان کيڏندڙ بيٽسمين ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڊيرن سمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، پرويز خٽڪ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ ڊيرن سمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ڏيڻ جي آڇي ڪئي ۽ کيس مخاطب ٿيندي پشتو ٻولي ۾ ” پخير راغلي“ به چيو، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي کيس ڊيرن سمي کي اعزازي شهريت ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، هوڏانهن دلچسپ ۽ چلولي طبيعت رکندڙ ڊيرن سمي، پرويز خٽڪ جي اهڙي آڇ قبوليندي کيس پشتو ٻولي ۾ ئي جواب ڏنو ۽ چيو ته هو ڪي پي ڪي حڪومت طرفان اعزازي شهريت ڏيڻ واري آڇ دل سان قبول ڪري ٿو،ڊيرن سمي جو چوڻ هو ته پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي کان هن ڪجهه پشتو ٻولي سکي، جيڪا تمام گهڻي مٺي ٻولي آهي ۽ مان هاڻ تقريبن پختون زلمي ٿي چڪو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *