ويسٽ انڊيز کان کٽي سڌو سئنون ورلڊ ڪپ کيڏڻ هدف آهي: سرفراز احمد

لاهور (اسپورٽس نيوز) ملڪي ون ڊي ۽ ٽي 20 ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽنهي شعبن ۾ محنت جي ضرورت آهي، ڪوچن اسٽاف فٽنس ۽ فيلڊنگ تي ڏاڍو ڪم ڪيو آهي، شرجيل خان جي نه هجڻ سان ٽيم تي فرق پوندو پر ان جي جاءِ تي سٺا رانديگر مليا آهن، قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ويسٽ انڊيز کان سيريز کٽي سڌو سنئون ورلڊڪپ کيڏڻ هدف آهي، ٽنهي شعبن ۾ محنت جي ضرورت آهي، ڪوچنگ اسٽاف فٽنس ۽ فيلڊنگ تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي، سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته محمد عامر ۽ وهاب رياض مان گھڻيون اميدون آهن، ڪامران اڪمل سٺي ڪاڪردگيءَ سان ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي آهي، نوجوان رانديگرن کي موقعو مليو آهي، اميد آهي ته پرفارم ڪندا، ويسٽ انڊيز جي دوري دوران سٺو پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *