ويسٽ انڊيز واحد ٽي 20 ميچ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪنگسٽن / جميڪا ( اسپورٽس نيوز ) ويسٽ انڊيز واحد ٽي 20 ميچ ۾ ڀارت کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ويسٽ انڊيز ۾ جميڪا جي سبينا پارڪ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت پهريون بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ دنيش ڪارتڪ 48، ويرات ڪوهلي 39 ۽ پنٽ 38 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز طرفان جيروم ٽيلر ۽ ڪيسرڪ وليمز 2، 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڀارت طرفان ڏنل 191 رنسن جو هدف ويسٽ انڊيز 19 هين اوور ۾ رڳو هڪ وڪيٽ تي حاصل ڪيو. ويسٽ انڊيز طرفان ايون لوئس 62 بالن تي 12 چوڪن ۽ 6 ڇڪن جي مدد سان تيز رفتار اننگز کيڏي 125 رنسون ٺاهيون ويون، جڏهن ته مارلن سيموئلز به تيز رفتار 36 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. شاندار سينچري تي لوئس کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *