ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جون ۵۰۰ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ پر اميد آهيان: جيمز اينڊرسن

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جون ۵۰۰ وڪيٽون مڪمل ڪرڻ لاءِ پر اميد آهي. جيمز اينڊرسن کي ٽيسٽ ۾ ۵۰۰ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ ۸ وڪيٽن جي ضرورت آهي. اهو اعزاز حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ جو پهريون ۽ دنيا جو ٦ هون پليئر بڻجي ويندو. جيمز اينڊرسن هيستائين ۱۲۷ ٽيسٽ ميچن ۾ ۴۹۲ وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. ٽيسٽ جي تاريخ ۾ وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ سريلنڪا جي مرلي ڌرن وٽ آهي هن ۸۰۰ وڪيٽون حاصل ڪري پهرين نمبر تي آهي. آسٽريليا جو شين وان ۷۰۸ وڪيٽن سان ٻئي ۽ ڀارت جو انيل ڪمبلي ٦۱۹ وڪيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *