ويسٽرن آسٽريليا اليون ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ پهرين ٽوئر ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

پرٿ (اسپورٽس نيوز) ويسٽرن آسٽريليا اليون ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ پهرين ٽوئر ميچ سڀاڻي خميس تي پرٿ جي هنڌ تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽوئر ميچ 9 جنوري تي انهي هنڌ تي کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم هن وقت آسٽريليا ۾ موجود آهي جتي هو ميزبان ٽيم خلاف پنج هڪ ڏينهن وارين ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي شروعات 12 جنوري تي ٿيندي. آسٽريليا پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي تيم جي اڳواڻ دهوني چيو ته آسٽريليا جو دورو انتهائي اهميت وارو آهي. ڪينگروز هوم گرائونڊ تي هميشه خطرناڪ مخالف ثابت ٿيو آهي پر اسان ڄمي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *