ويرات ۽ انوشڪا جي هني مون تصوير سان پاڪستانين ڇا ڪيو؟

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار ويرات ڪوهلي ۽ اداڪارا انوشڪا شرما جي شادي جون تصويرون ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ئي، پر سندن هني مون جي هڪ تصوير به خوب وائرل ٿي جنهن تي پاڪستاني مداحن وڏو ئي دلچسپ رد عمل ڏنو ۽ فوٽو شاپ جو خوب استعمال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ويرات ۽ انوشڪا جي مداحن جو انگ ڪجهه گھٽ ناهي تنهن هوندي مداحن سندن هني مون جي تصوير کي ايترو ته پسند ڪيو جو کين پاڪستان جي هر ڪنڊ ۾ پهچائي ڇڏيو. مداحن سندن هني مون تصوير تي ايتري ميمز ٺاهي جو جيڪو ڏسندو آهي ان جي چپن تي مرڪ اچي ويندي آهي. ويرات ۽ انوشڪا جي هني مون تصوير تي مداحن ايڊيٽنگ ڪري ان جي منظر ۾ ڪراچي، لاهور، ملتان، اسلام آباد ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن جو بيڪ گرائونڊ لڳائي ڇڏيو، جنهن سان ڀارتي مداح به گھڻو ئي لطف اندوز ٿي رهيا آهن. هڪ ميم ۾ مداحن لاهور جو بيڪ گرائونڊ وجھندي لکيو ته ويرات ۽ انوشڪا لاهور جي هڪ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي فيس جون قسطون جمع ڪرايون. هڪ ميم ۾ ويرات ۽ انوشڪا کي اسلام آباد جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڏيکاريو ويو، جتي مختلف ڊشز کائڻ بعد هو اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو شڪر ادا ڪندي نظر پئي آيا. ڀارت جي ان اسٽار جوڙي کي لاهور ۾ مينار پاڪستان جو دورو ڪندي به ڏيکاريو ويو. هڪ تصوير ۾ کين لاهور جي شاهي قلعي آڏو ڏيکاريو ويو ته ڪنهن ان اسٽار جوڙي کي ڪراچي جي مشهور تين تلوار چورنگي تي ڏيکاريو. ۽ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو جوڙو”پاڪستان“ اچي ۽ قائد اعظم جي مزار تي حاضري نه ڏئي،ايئن ته ٿي نٿو سگھي، ان ڪري ان حوالي سان به هڪ ميم بڻائي وئي. اهو ته سوشل ميڊيا صارفن مذاق پئي ڪيو، پر ڪجهه ماڻهو واقعي اها اميد ڪري رهيا آهن ته ڀارت جو اهو اسٽار جوڙو پاڪستان جو دورو ضرور ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *