ويرات ڪوهلي لڳاتار ٽيون ڀيرو بهترين ڪرڪيٽر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

نئين دلي(شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي لڳاتار ٽيون ڀيرو دنيا جي بهترين ڪرڪيٽر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪريnbox1

ورتو آهي.ويرات ڪوهلي وزڊن جي پنجن بهترين ڪرڪيٽرن ۾ به جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو جڏهن ته ان فهرست ۾ انگلينڊ جو جوز بٽلر ۽ سيم ڪيورين کان علاوه انگلينڊ وومين ڪرڪيٽر روري برنز ۽ ٽيمي بيومونٽ شامل آهن.ويرات ڪوهلي 2014ع ۾ انگلينڊ دوري دوران صرف 134 رنسون ٺاهيون هيون پر هاڻوڪي دوري دوران هن پنجن ٽيسٽ ميچن دوران 59 جي ايوريج سان 593 رنسون ٺاهيون.وزڊن جي ايڊيٽر لارنس بوٿ جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ 2014ع ۾ سندس ٽيم سيريز هارائي هئي پر ويرات ڪوهلي بيٽنگ ۾ پنهنجي اهليت ثابت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *