وياج جي شرح وڌائڻ سان 400 ارب رپيا حڪومت جو خرچ وڌي ويو، هي حرڪتون صنعت جي ڳلي ۾ ڦاهو آهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي اڻ اعلانيل طور تي ملڪ جو وائسراءِ بڻايو ويو آهي. وياجي شرح ۾ واڌ خانگي صنعت جي ڳلي ۾ ڦاهو آهي. جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو رڪارڊنگ کي آمريڪي ڪمپني اصل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن انصاف فراهم ڪندڙ ڌر بڻجي وڃن ته پوءِ ايئن ته ٿيندو آهي، سينيٽ اپوزيشن جي اڪثريت آهي، اتان حڪومتي بل ڪيئن منظور ٿيا هي سوال پيپلزپارٽي کان ڪرڻ گهرجي. سومر تي ڪراچي ۾ صهافين سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته ڏيڍ سيڪڙو وياج جي شرح وڌائڻ سان 400 ارب رپيا حڪومت جو خرچ وڌي ويو آهي ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي پئي وڃي هي حرڪتون صنعت جي ڳلي ۾ ڦاهو آهي. تاريخ جي تيز مهانگائي هن وقت پاڪستان ۾ آهي. 51 بنيادي شيون مهانگيون ٿيون آهن ايل پي جي جي قيمت ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو بجلي اگهن ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو اسان وياج جي شرح 6 سيڪڙو تي ڇڏي ويا هئاسين هن چيو ته عمران خان جي ٽن سالن ۾ مهانگائي چوٽ تي چڙهي وئي آهي، نوازشريف دور ۾ انڊيڪس 53 هزار جي شرح به پار ڪري ورتي هئي ڊالر 105 مان 174 رپين تائين پهچي چڪو آهي هن حڪومت رڳو غربت ڪري ڇڏي آهي، نوازشريف ۽ شهبازشريف کي ڊينگي برادر چوندڙن کان ڊينگي ڪنٽرول نه پيو ٿئي. حڪومت کي گهرجي ته اها مهانگائي طرف ڌيان ڏي هتي صورتحال اها آهي ته جيڪو به مهانگائي جي خلاف ڳالهائي هي ان جا مخالف بڻجي وڃن ٿا. جسٽس ثاقب نثار جي هڪ آڊيو ليڪ ٿي آهي آمريڪا جي ڪمپني انکي اصل قرار ڏئي ڇڏيو آهي آڊيو ۾ اڳوڻو چيف جسٽس هڪ جج کي چئي رهيو آهي ته مريم نواز جي سزا نٿي بڻجي پر ان کي سزا ڏني وڃي ثاقب نثار ان آڊيو کي غلط ڪوٺيو آهي هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي لامحدود اختيار ڏيڻ مناسب نه آهي پارليامينٽ به جيڪڏهن ڪو قانون ٺاهڻ گهري ٿي ته ان لاءِ گورنر اسٽيٽ بئنڪ کان اجازت وٺڻي پوي ٿي ڊاڪٽر رضا باقر کي اڻ اعلانيل طور تي پاڪستان جو وائسراءِ بڻايو ويو آهي مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت جو چئن ڪلاڪن ۾ 34 بل پارليامينٽ مان پاس ڪرائڻ اصل ۾ ان جي شڪست آهي اسيمبلي ۾ وڃڻ کان اڳ بلن کي ڪميٽي ۾ آندو وڃي ٿو ۽ اپوزيشن کان ان جي منظوري ورتي وڃي ٿي پر هن حڪومت ايئن نه ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *