وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ، پاڪستان سريلنڪا کي ٽيويهن رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 23 رنسن تان هارائي ڇڏيو، ندا ڊار 5 شڪار ڪيا، ڪپتان بسما معروف ناقابل شڪست 60 رنسن جي اننگز کيڏي.ڪولالمپور ۾ جاري ايونٽ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان بسما معروف 41 بالن تي 7 چوڪن جي مدد سان 60 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ناهيدا خان 38 ۽ جويريا خان 13 رنسون ٺاهيون، سريلنڪا طرفان سوگنديڪا ڪماري 2 جڏهن ته انوڪا راناويرا ۽ نيلاڪشي ڊي سلوا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.جواب ۾ سريلنڪن ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 113 رنسون ٺاهي سگهي، ياسودا مينڊس 25، نيپوني هنسيڪا 24، ڪپتان ششيڪلا سري وردني 13 رنسون ٺاهي سگهي.پاڪستان طرفان ندا ڊار شاندار بالنگ ڪندي 21 رنسن جي عيوض 5 شڪار ڪيا، نشرا سنڌو ۽ بسما معروف هڪ، هڪ وڪيٽ اڏائي، ندا ڊار پليئر آف دي ميچ قرار ڏني وئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *