وهاب رياض ۽ احمد شهزاد جو جهيڙوخراب مثال آهي:وقار يونس

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته پي ايس ايل جي ميچ ۾ وهاب رياض ۽ احمد شهزاد جو جهيڙو هڪ خراب مثال آهي.سندس چوڻ  هو ته احمد شهزاد هڪ نوجوان اوپنر آهي ۽ انهيءَ لحاذ کان هو گهڻي وقت کان ڪارڪردگيءَ تي نه پيو لهي سگهي،ان لاءِ ٻاهر ويهاريو ويو آهي،جڏهن ته بهتر راند تي ٽيم جو حصو بڻائي سگهون ٿا.پي سي بي هيڊ ڪوارٽر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هيڊ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ هو ته پاڪستان سپر ليگ سان مقامي  ڪرڪيٽرن کي فائدو پهچندو.جڏهن ته پي ايس ايل سان لڪيل ٽيلينٽ ٻاهر ايندو.وقار يونس جو چوڻ هو ته احمد شهزاد ۽ وهاب رياض جو جهيڙو خراب مثال آهي،پي ايس ايل ۾ اهڙو عمل نه ٿيڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *