ون ڊي ڪرڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اهميت مڃرائي: اين چيپل

 

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اين چيپل چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي دور ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اهميت مڃرائي ورتي، ذري ذري تي رنگ مَٽائيندڙ صورتحال رڳو انهي فارميٽ ۾ ڏسي سگھجي ٿي.اين چيپل پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ٽاءِ مقابلي کان پوءِ ڪاميابي جو فيصلو پونٽس ٽيبل پوزيشن جي بنياد تي ٿيڻ گھرجي ها، ڊي آر ايس هڪ ڀيرو وري مايوس ڪيو، ورلڊ ڪپ 2019ع جو سڀ کان هاڪاري پهلو ٽي 20 جي ڪاميابي مان متاثر هڪ يا انهن سڀني ايڊمنسٽريٽرز لاءِ يادگيري آهي ته ون ڊي ۾ ڪيتري بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملي سگھي ٿي.سندس چوڻ هو ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ راند دوران توهان کي خراب صورتحال کان ٻاهر اچڻ جو موقعو ملندو آهي، اوهان ٽيڪنيڪي حربا آزمائيندا آهيو، بالرن ۽ فيلڊرن تي حد بندي باوجود هڪ سٺو بالنگ اسپيل ممڪن آهي، سٺي پرفارمنس سان ڪيترو دلچسپ مقابلو ڏسڻ لاءِ ملي سگھي ٿو، بدستور ان ۾ فيلڊنگ ۽ وڪيٽن جي وچ ۾ رننگ پنهنجي اهميت رکندي آهي.چيپل موجب ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ اسان کي اهو سڀ ڏسڻ لاءِ مليو پر آخر ۾ فاتح لاءِ استعمال ڪيل پئماني سبب تڪرار به رهيو، بهتر رستو اهو هو ته مقابلو ٽاءِ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪاميابي جو فيصلو شروعاتي رائونڊ ۾ پوائنٽس ٽيبل تي بهتر پوزيشن تي ڪيو وڃي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *