ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي ڇهين پوزيشن برقرار، ڪوهلي نمبر ون بيٽسمين

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) آءِ سي سي ٽيمن ۽ رانديگرن ي نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان جو ڇهين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي. آءِ سي سي جي ون ڊي ٽيمن جي رينڪنگ جي ٽاپ ٿري ٽيمن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته ڀارت جو ٻيو 7 آسٽريليا جو ٽيون نمبر آهي. آءِ سي سي جي ون ڊي رينڪنگ جي بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي پهرين نمبر تي آهي، ڏکڻ آفريڪا جو اي بي ڊيويليئرز ٻي ۽ آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر ٽين نمبر تي آهي. پاڪستان جي بابر اعظم جو چوٿون نمبر آهي. بيٽسمينن جي ٽاپ ٽين ريڪنگ ۾ بابر اعظم کانسوا3 ٻيو ڪو به بيٽسمين شامل نه آهي.  بالرن جي لسٽ ۾ پاڪستاني نوجوان بالر حسن علي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ٽاپ 20 لسٽ ۾ حسن علي کانسواءِ ٻيو ڪو به بالر شامل نه آهن. ون ڊي جي آل رائونڊرن ۾ پروفيسر محمد حفيظ بدستور پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته عماد وسيم جو 14 هون نمبر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *