ولين جا ڪردار ڪندڙ عرفان خان هاڻي عشق ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار عرفان خان عام طور فلمن ۾ ولن جا ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي هو پنهنجي شوقينن کي هڪ فلم ۾ عشق لڙائيندي نظر ايندو. هدايتڪار شوجيت سرڪار جي فلم ”پيڪو“ ۾ عرفان خان هڪ رومانوي ڪردار ادا ڪندو، جنهن ۾ سندس مقابلي ۾ دپيڪا پڊوڪون آهي، جڏهن ته بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن به اهم ڪردار ۾ نظر ايندو. فلم ”پيڪو“ ۾ عرفان خان، رانا چوڌري نالي شخص جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو دهليءَ ۾ ٽيڪسي سروس هلائيندو آهي ۽ ان دوران سندس رابطو دپيڪا ۽ اميتاڀ سان ٿي ويندو آهي، جيڪي فلم ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انڊين ميڊيا موجب عرفان خان جو هڪ انٽرويوءَ ۾ چوڻ هو ته هو تمام خوش آهي ته شوجيت کيس ان فلم ۾ هڪ رومانوي ڪردار جي آڇ ڪئي. عرفان پهريون ڀيرو اميتاڀ سان گڏ ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. عرفان خان جو چوڻ هو ته گھڻي وقت کان ڪنهن فلم ۾ مزاحيه ۽ رومانوي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي پيو ۽ فلم ”پيڪو“ ۾ انهن ٻنهي شعبن ۾ پنهنجيون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو مليو آهي. فلم ”پيڪو“ 8 مئي تي سئنيما گھرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *