وليج گئسيفڪيشن لاءِ 1.2 ارب رپيا، وليج ايليڪٽريفڪيشن لاءِ 1300 ملين رپيا مختص

ڪراچي(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وليج ايليڪٽريفڪيشن ۽گئسيفڪيشن سندس اوليت ۾ شامل آهي. هن چيو ته مان قابل تجديد ۽ ڪوئلي مان هلندڙ رٿائن ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، اهڙي ريت ڳوٺن کي بجلي ۽ گئس فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيو آهيان. هن اها ڳالهه اربع تي وليج ايليڪٽري/فڪيشن ۽گئسيفڪيشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻيا شريڪ هئا. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هلندڙ مالي سال دوران وليج ايليڪٽريفڪيشن لاءِ 1300 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت توانائي کاتي کي هڪ ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن مان هن 272.94 ملين رپيا سيپڪو کي 247 ننڍن ڳوٺن کي بجليءَ جي فراهميءَ لاءِ جاري ڪيا آهن. اهڙي ريت حيسڪو کي بجليءَ جي فراهميءَ جي 175 رٿائن لاءِ 252.33 ملين رپيا ڏنا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) کي هدايت ڪئي ته هُو وليج ايليڪٽريفڪيشن جي مسئلي جي حوالي سان لاڳاپيل اٿارٽيءَ سان ڳالهائي ته جيئن ڳوٺن کي بجليءَ جي سهولت جلد ڏئي سگهجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اهو به ٻڌايو ويو ته وليج گئسيفڪيشن لاءِ 1.2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وليج گئسيفڪيشن جون 88 رٿائون آهن. وڏي وزير سئي سدرن گئس ڪمپني کي گئس جي فراهميءَ لاءِ هدايتن کي فالو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته اسان جي ڳوٺن جون عورتون اڃا تائين روائيتي طريقي سان چلهه ٻاري کاڌو پچائينديون آهن .هن چيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته پراڻي نظام کي بدلائيندي گئس فراهم ڪريون ته جيئن اهي گئس ذريعي چلهه ٻاري آساني سان رڌ پچاءُ ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *