وقت اچي ويو آهي ته عالمي مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي فلمون ٺاهيون وڃن: منشا پاشا

 

ڪراچي: (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره منشا پاشا چيو آهي ته اسان کي عالمي مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي فلمون ٺاهڻ گهرجن. پاڪستاني فلمن کي پرڏيهه جي فيسٽيولز ۾ اعزاز ملڻ اسان لاءِ فخر جوڳو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب منشا پاشا وڌيڪ چيو ته منهنجي فلم لال ڪبوتر جي وڏي ايوارڊ لاءِ نامزدگي خوشي جوڳي ڳالهه آهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجين فلمن کي عالمي مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي ٺاهيون. منشا پاشا وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ هاڻ اسان جي فلمن جا فنڪار به عالمي فلم فسٽيولز جو حصو بڻجندا.هڪ سوال تي اداڪاره چيو ته سئنيما انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ملڪي  فلمن جي سرپرستي ڪرڻ گهرجي.  هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ماڻهن جو گهڻو لاڙو پاڪستاني فلمن ڏانهن وڌي رهيو آهي  جنهن جي ڪري پاڪستاني فلمن کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *