وقار يونس کي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر جا اختيار ڏنا وڃن ها:محمد يوسف

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف چيو آهي ته مصباح الحق جي بجاءِ وقار يونس کي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر جا اختيار ڏنا وڃن ها ته يقين اچي ها ته ميرٽ تي فيصلو ٿيو آهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف سريلنڪا جي ٽيم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان جي خراب حالتن ۾ پاڪستان به انهن جو ڀرپور ساٿ ڏنو هو. پاڪستان سريلنڪا جي خلاف آساني سان سيريز کٽيندو ۽ جيڪڏهن سريلنڪا جا سمورا رانديگر به اچن ها تڏهن به ميزبان ٽيم مضبوط آهي.اڳوڻي ڪپتان هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق جي اهليت ۽ مقرري تي سوال اٿاريندي چيو ته مصباح الحق جي بجاءِ وقار يونس کي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر جا اختيار ڏنا وڃن ها ته ميرٽ تي فيصلو ٿئي ها. مصباح الحق ۾  اهڙي ڪابه خوبي ناهي جنهن کي آڏو رکندي سمورا اختيار هن جي حوالي ڪيا ويا آهن.هن چيو ته ٽيم جي هيڊ ڪوچ وٽ ايترو وقت ئي ناهي هوندو جو هو وڃي ڊوميسٽڪ جا ميچ ڏسي، جيڪڏهن ٽيمن جي ڪوچز جي راءِ تي ئي ٽيم ٺاهڻي آهي ته پوءِ چيف سليڪٽر جي ڪهڙي ضرورت آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ محمد يوسف سرفراز جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ان پنهنجي فٽنس کي  تمام گهڻو بهتر بنايو آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهريون ون ڊي سڀاڻي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو جيڪو 2:30 منٽن تي شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *