وقار يونس ناڪام ترين ڪوچ آهي: ڪامران اڪمل

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل وقار يونس کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي تباهي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته اسپيڊ اسٽار هيڊ ڪوچ طور پنهنجي ٻنهي دورن ۾ پاڪستان ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ بهتر رهنمائي نه ڪري سگهيو پنهنجي نظرئي جي تائيد ڪندي ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته وقار يونس اهم رانديگرن کي ٽيم کان ٻاهر ڪيو جنهن سبب ٽيم عالمي ڪرڪيٽ ۾ ۲ کان ۳ سال پوئتي هلي وئي هڪ نجي چينل سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته وقار يونس هڪ ناڪام ڪوچ آهي ۽ ان جي ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سخت نقصان ٿيو اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن ته رانديگر پاڪستان جي اڳوڻي ڪوچ وقار يونس کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *