وفاق ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو : سنڌ حڪومت

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي زراعت واري وزري محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪڻڪ جي في مڻ 1600 رپيا قيمت هاري سان دشمني آهي وفاق ڪڻڪ جو هٿرادو بحران ڄاڻي واڻي پيدا ڪيو پنهنجي هڪ بيان ۾ اسماعيل راهو چيو ته هن حڪومت ۾ هارين کي جائز حق نه پيو ملي. 1600 رپيا في مڻ ڪڻڪ جي قيمت تمام گهٽ آهي هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان وفاق جو رويو افسوس جوڳو آهي. خانصاحب جي ڪرتا ڌرتا مافياز ڪڻڪ لڪائي ڇڏي هئي. کوٽ پيدا ٿيڻ کان پوءِ هو مارڪيٽن ۾ کڻي آيا. نيازي سرڪار ٻاهران ڪڻڪ گهرائي ٻاهرين ملڪن جي هارين کي فائدو پهچائي رهي آهي صوبائي وزير ٻڌايو ته هتان جي هارين کي ڪائي سبسدي نه پئي ڏني وڃي موجوده حڪومت ۾ ملڪ جي هارين کي جائز حق نه پيو ملي. اسماعيل راهو چيو ته وفاق کي يوريا، ڊي اي پي ۽ ڊيزل جون قيمتون ڏسي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *