وفاق پاران ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ جو انڪشاف

ڪراچي (م.ڊ/اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت ڊسڪا چونڊ هارائي به کٽي وئي، ڇو ته عوام اڳ جي ڀيٽ ۾ اسجد ملهي کي وڌيڪ ووٽ ڏنا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڊسڪا چونڊ ۾ جمهوريت جي فتح ٿي آهي، حڪومت ڊسڪا چونڊ هارائي به کٽي وئي، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان بيانيو آهي ته هر چور جو احتساب ٿيندو ۽ اسجد ملهي جيترا ووٽ کنيا، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عمران خان جو بيانيو اڃا زندهه آهي. هن چيو تحريڪ انصاف جي خوش نصيبي آهي جو ان کي نالائق اپوزيشن ملي، اهو الله پاڪ جو عمران خان تي خاص احسان آهي ته ان کي اهڙي اپوزيشن ملي، جيڪا پاڻ ۾ ئي اپوزيشن آهي، اپوزيشن جماعتون پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته شهزاد اڪبر احتساب جو وزير آهي، هو کنڊ اسڪينڊل ۽ مني لانڊرنگ بابت معاملا ڏسي رهيو آهي، ايف آءِ اي منهنجي ماتحت آهي پر شهزاد اڪبر جيڪو ڪري رهيو آهي کيس ڪرڻ ڏيو، ان خلاف مهم هلائي پئي وڃي، جڏهن ته جهانگير ترين ڪيڏانهن به نه پيو وڃي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته سوئس اڪائونٽ براڊ شيٽ ڪميشن انڪوائري سوئس اڪائونٽ کولڻ جا حڪم ڏنا هئا، جنهن تي ڪم جاري آهي، سوئس اڪائونٽس ڪيس ٻيهر کوليا ويندا. وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد پاران ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب م گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ بهارين سان گڏ سنڌين جا به سڃاڻپ ڪارڊ نه ٿا ٺهن، هن چيو ته بهارين ۽ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ وارو معاملو مون کان مٿي آهي، هڪ راءِ آهي ته بهارين ۽ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهيا وڃن. وفاقي گھرو وزير چيو ته گڏجاڻي ۾ معاملو ڊسڪس ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جيڪو فيصلو ڪندو، ايئن ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *