وفاق پاران سنڌ حڪومت جي مطالبي باوجود صوبي کان 6 لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاق،سنڌ حڪومت جي مطالبي باوجود صوبي کان 6 لک ٽن ڪڻڪ خريد کان انڪار ڪندي رڳو 4 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداريءَ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جي پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري وفاقي حڪومت کي خط لکي صوبي کان 6 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌ سرڪار پاران وفاق کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ اسٽاڪ ٿيل ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي ته جيئن صوبائي حڪومت تي چڙهيل قرض لاهي سگهن. سنڌ سرڪار جي مطالبي باوجود وفاقي حڪومت 6 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي. وفاق پاران سنڌ حڪومت کان رڳو 4 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *