وفاق ناڪامي جو اعتراف ڪري چڪو، آرٽيڪل 149 (4) جو مطلب  گورنر راڄ ناهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ ۽ محنت بابت صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون اهڙيون به ناهن جو هتي آرٽيڪل ون فورٽي نائن فور لاڳو ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت جي خط جو آئين موجب جواب ڏينداسين، مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته وفاق ڪراچي پيڪيج ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري. اِها ڳالهه هن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس سان خطي کي چئي، ساڻس گڏ صوبائي وزير شهلا رضا، وقار مهدي ۽ راشد رباني به موجود هئا. سعيد غني چيو ته حڪمران آئين جي اختيارات جو غلط استمال ڪري صوبائي حڪومت جو اختيارات ختم ناهن ڪري سگهندا. هنن کي ڪجهه به نه ملندو، وفاقي حڪومت جو خط ايا ته آئين جي موجب جواب ڏينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ان کان اڳ ڪراچي ٽرانسفارمر ڪميٽي بڻائي وئي ۽ 200 ارب رپين جا منصوبا وزير اعظم جي علم ۾ آندا ويا، مڪاني نظام ۾ ترميم وفاقي حڪومت جو ڪم ناهي جيڪڏهن ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان سخت مزاحمت ڪنداسين. ان کان سواءِ قانون ۽ ماحوليات واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته آرٽيڪل 149 (4) جو مطلب  گورنر راڄ ناهي، وفاقي حڪومت اعتراف ڪري چڪي آهي هو ناڪام ٿي وئي آهي. آرٽيڪل 149 (4) جي تحت وفاقي صوبي کي رڳو هدايتون ڏئي سگهن ٿا، اسان جو وفاق کان مطالبو آهي جو ڪراچي پيڪيج جو واعدو ڪيو اُهو ئي ڏئي ڇڏيو، ڪراچي کي رڳو سياست جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. يا رهي ته ان کان اڳ سعيد غني چيو هو ته ڊرامو بند ڪيو وڃي، وفاق ڪراچي لاءِ جيترا به منصوبا ٺاهي، ان کي سنڌ حڪومت جي دَر مان گذرڻو پوندو. صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪلين ڪراچي مهم شروع ڪئي وئي، جنهن لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو پر ان مهم ڪراچي کي وڌيڪ ڪِنو ڪري ڇڏيو، ڪراچي صفائي مهم ڪٿي آهي؟ صفائي ڪرائيندڙ ڪيڏانهن ويا؟ وزيراعظم کي ڪلين ڪراچي مهم جي خبر پئي ته علي زيدي کي برطرف ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *