وفاق سي سي آءِ ۾ آدمشماري معاملو شامل ڪري، سڌ حڪومت جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وفاقي حڪومت تي زور ڀريندي چيو آهي ته هُو 25 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏيل مفادن واري ڪونسل (سي سي آءِ) جي ايندڙ اجلاس ۾ آدمشماريءَ جي معاملي کي شامل ڪيو وڃي، ڇو جو هي هڪ اهم مسئلو آهي انهيءَ ڪري ان کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن اها ڳالهه اڄ اربع ڏينهن وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ 25 مارچ تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل سي سي آءِ اجلاس ۽ ان جي ايجنڊه جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، وزير اعليٰ سنڌ جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايڊيشنل سيڪريٽري محمد وسيم، سيڪريٽري بين الصوبائي رابطه (آءِ پي سي) مشتاق شيخ، آبپاشيءَ وارو سيڪريٽري ظهير حيدر شاهه، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. بين الصوبائي رابطي وزارت واري سيڪريٽري مشتاق شيخ چيو ته بين الصوبائي وزارت سي سي آءِ کي جيڪو ايجنڊه ڏنو آهي ان ۾ رڳو هڪ آئٽم نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان IV جي ڏهه سالن جي بنيادن تي تشڪيل کي رکيو ويو آهي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سي سي آءِ جي گذريل اجلاس ۾ آدمشماري جو معاملو غور ويچار لاءِ رکيو ويو هو ۽ انهيءَ لاءِ وزير اعظم 25 مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي هئي پر اهُو درست نه آهي ۽ ان معاملي کي به ايجنڊه ۾ رکڻ گهرجي پيو. وڏي وزير بين الصوبائي رابطي کاتي جي سيڪريٽري مشتاق شيخ کي هدايت ڪئي ته هو سي سي آءِ اجلاس جي ايجنڊه ۾ آدمشماريءَ کي به شامل ڪرڻ لاءِ آءِ پي سي ڊويزن سان رابطو ڪري. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل مهيني وزير اعليٰ هائوس ۾ آدمشماري واري معاملي تي غور ويچار لاءِ مختلف سياسي جماعتن سان گڏجي هڪ اجلاس منعقد ڪيو هو ۽ اجلاس ۾ شريڪ سمورين 32 جماعتن اتفاق راءِ سان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته هُو آدمشماري کي ملتوي نه ڪري. هن چيو ته مون سمورين سياسي جماعتن جون سفارشون سي سي آءِ اجلاس ۾ پيش ڪيو هيون ۽ ان تي وزير اعظم مون کي يقين ڏياريو ته هُو آرمي چيف سان ڳالهائيندو ته هُو آدمشماري وارين ٽيمن جي سيڪيورٽيءَ لاءِ فورسز جو بندوبست ڪري. هن چيو ته کين سي سي آءِ واري اجلاس جي ايجنڊه ۾ آدمشماريءَ کي شامل نه ڪرڻ تي تعجب ٿيو آهي. هن صوبائي سيڪريٽريءَ کي چيو ته اسان جون سي سي آءِ واري اجلاس جي حوالي سان ڪجهه سمريون اتي آهن جنهن کي به ايندڙ اجلاس ۾ آڻڻ گهرجي. سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه سنڌ جي وڏي وزير کي سي سي آءِ ايجنڊه ۾ شامل فلڊ پروٽيڪشن پلان-IV (2015 کان 2025) جي تشڪيل جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته ڄاڻايل پلان ۾ اينٽي گريٽيڊ فلڊ مئنجمينٽ تي ڌيان ڏنو ويو آهي جنهن تحت نان-اسٽرڪچرل قدمن جهڙوڪ ريزوائير آپريشن، فلڊ فور ڪاسٽنگ ۽ فوري وارننگ، فلڊ رسڪ زون، واٽر شيڊ مئنجمينٽ، فلڊ پروفنگ ۽ انشورنس ۽ ڊيزاسٽر مئنجمينٽ ۽ ٻيا قدم شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته اهي ماهرن سان گڏجي اين ايف پي پي لاءِ تجويزون تيار ڪن. وڏي وزير گائيڊ لائن ڏيندي چيو ته پهاڙي طغياني سان ٻوڏ کان بچاءَ جا حفاظتي بندن، منڇر ڍنڍ جي بحالي، سامونڊي پاڻيءَ کي روڪڻ جنهن ڪارڻ زرعي زمين تباهه ٿي رهي آهي، صوبي ۾ آبپاشي نظام جي ري-موڊلنگ، امڪاني ٻوڏ وارن رستن / چئنلز کي وڌيڪ ٻوڏ واري پاڻيءَ ڏانهن موڙڻ، سنڌو درياهه جي هائيڊرو لاجيڪل / جيولاجيڪل انوسٽيگيشن ۽ زير زمين پاڻيءَ جي وسيلن جي ري-چارجنگ، ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ دريائي تربيتي پروگرام مستقل بنيادن تي تربيت ۽ عربي سمنڊ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ تمر (مينگروز) جي ٻوٽن جي وڌ ۾ وڌ پوک جهڙن مامرن تي فلڊ پروٽيڪشن پلان ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ اهو به واضع ڪيو ويو ته 2006، 2011 ۽ 2012 ۾ ٿيل شديد برساتن صوبي ۾ نڪاسي واري نظام کي بري طرح متاثر ڪيو هو انڪري ان جي به ري-موڊلنگ هئڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *