وفاق سنڌ کي پورو حق نه پيو ڏئي، آءِ جي واري معاملي تي هڪ پيج تي آهيون: وڏو وزير

ڪراچي/عمرڪوٽ (اسٽاف رپورٽر/م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه جي لاڏاڻي تي کاروڙو پهچي پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، صوبائي وزير شبير بجاراڻي، صوبائي تيمور ٽالپر، نواب يوسف ٽالپر ۽ اڳواڻ موجود هئا. اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته علي مردان شاهه جي لاڏاڻي سان پارٽي کي وڏو نقصان پهتو آهي، علي مردان شاهه منهنجي والد سان گڏ سياست ڪئي، هو اسان جو سينيئر ۽ استاد هو. آءِ جي سنڌ جي معاملي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته آءِ جي معاملي تي هڪ پيج تي آهيون، بدلي ٿيڻ ۾ لازمي ٽائيم لڳي ٿو، انشاءَ الله ڪجهه ڏينهن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي حڪومت سان اختلاف آهن، خاص ڪري اِنهي معاملي تي ته جيترو هصو ٻين صوبن کي ملي ٿو، اُهو سنڌ کي به ملڻ گهرجي، ملڪ ۾ ٻيون ڀيرو اٽي جو بحران ٿيو آهي. پهرين نواز شريف دور ۾ ٿيو، تڏهن به ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي وئي، هن وقت عمران خان افغانستان کي امداد ڏئي بحران پيدا ڪيو آهي. پاسڪو کان ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، ٽرانسپورٽ جي ڪري مسئلو پيدا ٿيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو. وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته ٿر ڪول تي سنڌ حڪومت ڪامياب پلاننگ سان ڪم ڪيو آھي، ايندڙ 10-15 سالن دوران ٿر جي قسمت ئي تبديل ٿي ويندي، ٿر ڪول مان ملندڙ بجلي ۽ فائدن سان ٿر سنڌ سميت دنيا جو اھم خطو بڻجي ويو آھي، اھي ڪوششون اسان جي حڪومت ورتيون آھن، گئس جي معاملن سميت مختلف اشوز تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ ڪافي معاملن تي اعتراض ۽ خدشا آهن، ماڪڙ خلاف آپريشن پهرين سنڌ حڪومت ڪيو، پر ان جو ڪنٽرول وفاقي حڪومت وٽ هو، وفاق پيپلزپارٽي خلاف ڪوئليشن ٺاهيو آهي، اميد آهي ته سيوهڻ ۾ ڇوڪري سان زيادتي واري معاملي تي چيف جسٽس متاثر ڇوڪري کي انصاف ڏياريندو.  ٻئي طرف  ڪڻڪ ڪرائسس سنڌ ڪابينا 14 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪري ڇڏيو وزير خوراڪ، بلديات واري صوبائي وزير، زراعت کاتي واري وزير تي لاڳاپيل ڪميٽي پروڪيورمينٽ جو طريقيڪار بڻائيندي ۽ 10 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ ڏيندي. ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مقصد ننڍن هارين کان خريداري ڪرڻ آهي.وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو، سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني صوبائي ڪابينا ۾ ڪيل فيصلن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سڀ کان پهرين مرحوم ايم پي اي سيد مردان شاھ جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ڪابينا جي گذريل اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ هزار دئوس ( سليڪان) رولز 2018 جي ڊرافٽ تي بحث ڪيو ويو. وزير محنت سعيد غني ۽ سيڪريٽري رشيد سولنگي ان حوالي سان ميمبرن کي آگاهي فراهم ڪئي قانون ۾ مختلف وضاحتون ڏنيون ويون. جن رولز ۾ سرٽيفائي سرجن، انسپيڪٽر فيڪٽريز، فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا تفصيل شامل آهن. قانون جي تحت فيڪٽري کي پيٽرا گرافڪ ٽيسٽ يا ايڪسري ڊراڪشن( ايڪس آر ڊي) کان هر 12 مهينن ۾ پنهنجو ميٽريل جيڪو هو تيار ڪري رهيا آهن جو ٽيسٽ ڪرائڻو پوندو. فيڪٽري جو ميٽريل جيڪو استعمال ڪيو پيو وڃي ان جا نمونا ڪنهن به وقت انسپيڪٽر ٽيسٽ ڪري سگھي ٿو. سعيد غني چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گھرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن بابت قانون تي بحث کان پوءِ ان کي منظور ڪيو ويو رولز ۾ 10 ميمبرن تي مشتمل صوبائي ڪونسل قائم ڪئي وئي ڪونسل هوم بيسڊ ورڪرز جي ميپنگ ڪندي ۽ رولز جي تحت ورڪرز جي رجسٽريشن ٿيندي. ڪابينا سنڌ پروبيشن آف ايمپلائيز آف چلڊرن رولز 2018 به منظور ڪري ورتو رولز ۾ انسپيڪٽر جا اختيار، قانون جي مطابق هر ورڪر کي ٽن ڪلاڪن جي ڪم کان پوءِ بريڪ ڏنو ويندو جڏهن ته ننڍي عمر جي ورڪرز جو عمر جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو  ته موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 ۾ ترميم جي منظوري به ڏني وئي آهي جنهن جو مقصد موٽر سائيڪل ۾ ٽريڪر لڳائڻ آهي ٽريڪر لڳائڻ جو مقصد موٽر سائيڪل جي چوري روڪڻ آهي موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 جي سيڪشن 89 کان پوءِ هڪ نئون سيڪشن لڳايو ويو آهي ٽريڪر نئين موٽر سائيڪل ۾ لڳائڻ ضروري هوندو ۽ پراڻي بائيڪ ۾ ٽريڪر لڳائڻ مالڪ جي مرضي تي هوندو. باقي سمورين موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪر لڳائڻ لازمي هوندو. ميمبرن کي ٻڌايو ويو ته هن وقت صوبي ۾ 44 لک موٽر سائيڪلون موجود آهن ان حوالي سان ٽرانسپورٽ واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ايڪسائيز ۽ لوڪل گورنمينٽ وارو صوبائي وزير شامل هوندا. اهو پرپوزل قانون واري کاتي کي ڏيکاريو ويندو ته جيئن سفارشون ڏئي سگھي. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ اربن اينڊ ريجنل پلان اٿارٽي قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اٿارٽي جي حوالي سان بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاھ ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ روشن شيخ پريزنٽيشن ڏني ۽ ٻڌايو ته اٿارٽي جي قيام لاءِ سپريم ڪورٽ هدايتون ڏنيون آهن. تفصيل بريفنگ کان پوءِ ڪابينا اربن اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏني ڪميٽي صوبي جي سمورن شهرن جا ماسٽر پلان بڻائڻ جي مجاز هوندي. سعيد غني وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا دي ڪنسٽي ٽيوشن اينڊ ريگوليشن آف دي سنڌ ڪونسلز يونيفائيڊ گريڊيز (سروسز) رولز 2019 جي منظوري ڏني آهي يونيفائيڊ گريڊز ۾ ايڊمنسٽريشن انجنيئرنگ(سول،ا ليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل)، اڪائونٽس ۽ ميڊيڪل جا ڪيڊر شامل آهن يونيفائيڊ سروس جي ملازمن جي لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويو آهي فنانس ڊپارٽمينٽ هر مهيني 50 ملين روپيا ان جو فنڊ ڏيندو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ڪابينا اجلاس ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته يوسيز ۾ هڪ لک روپيا ڏيندا هئا ان وقت به پگهار جو مسئلو هو هاڻ يوسي گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک ڪئي وئي آهي پوءِ به پگھارن جو مسئلو آهي ان ڪري اهو سمورو سسٽم ڪمپيوٽرائيڊ ڪيو ويندو هن وڏي پيماني تي لوڪل ڪونسلز جي ملازمن جي پگهارن جي سسٽم جو آڊٽ ۽ خصوصي ٽيم جي ذريعي سمورن لوڪل ڪونسلز جي ملازمن جا فگرز تيار ڪرڻ جي هدايت جي هدايت ڪئي. اطلاعات واري وزير سعيد غني ٻڌايو ته سنڏ رويونيو بورڊ (ايس آر بي) ڪابينا ۾ ٽيڪس ريٽ گھٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن جي مطابق هوٽڪ، موٽل، ڪلبز، ريسٽورينٽس، هيلٿ سينٽرز، ڪاسميٽڪس ۽ پلاسٽڪ سرجري ، فيشن ڊزائن، سلمنگ ڪلنڪس ۽ بيوٽي پارلرز جي خدمتن تي ٽيڪس ريٽ گھٽ ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي وئي اجلاس ۾ فوتي ڪوٽا جي ڪرائيٽريا تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن جو به والد يا والده نوڪري جي دوران انتقال ٿي وڃي ٿو ته ان جو ٻار 60 ڏينهن جي اندر اپروچ ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت فوتي ڪوٽا لاءِ 300 ڪيسز پيا آهن جيڪي ٽائيم تي آهن جنهن تي وزير اعليٰ سنڌ چيو ته مان چاهيان ٿو ته فوتي ڪوٽا تي جلد نوڪري ڏني وڃي ۽ هر هڪ ڊپارٽمينٽ جو انچارج فوتي ڪوٽا ۾ فوري طور تي نوڪري ڏين ڪوٽي جي مسئلي کي به اي سي آر ۾ شامل ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ وزير اعليٰ فوتي ڪوٽا جي واضع پاليسي بنائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڏني آهي. اهو آئٽم ڪميٽي کي موڪليو ويندو ۽ قابل عمل سمجھيو وڃي ڪابينا اجلاس ۾ صوبائي محتسب جي ترميمي بل 2020 تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ۽ قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته اهو بل سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو هو پر سنڌ جي گورنر پنهنجا اعتراض لڳائي اهو بل واپس در ڪري ڇڏيو آهي مرڪز ۾ وفاقي محتسب وزير اعظم جي مشاورت سان مقرر ٿيندو آهي پر گورنر محتسب جي تقرر جي اٿارٽي ناهي. اجلاس ۾ گورنر جي اعتراضن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ٽنهين صوبن ۾ صوبائي حڪومتون ئي محتسب مقرر ڪنديون آهن ته سنڌ ۾ به محتسب جو تقرر صوبائي حڪومت ڪندي جنهن کان پوءِ ڪابينا ترميمي بل پاس ڪندي ان کي اسيمبلي موڪلڻ جي منظوري ڏني ۽ گورنر جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. سعيد غني چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪڻڪ جي فصل 20-2019 جي خريداري جو ٽارگيٽ ۽ سپورٽ پرائس تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا 14 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو آهي خوراڪ کاتي جي ڪريڊٽ جي حد 138 بلين روپيا آهي ڪابينا سپورٽ پرائس جي آئٽم ئي رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته خوراڪ، بلديات، ۽ زراعت واري صوبائي وزير تي لاڳاپيل ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا پروڪيورمينٽ جو طريقيڪار بڻائيندي. ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مقصد ننڍن آبادگارن کان خريداري ڪرڻ آهي. ڪميٽي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيندي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت 1365/40 ڪلو سپورٽ پرائس مقرر ڪري ڇڏيو آهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *