وفاق سنڌ کي فنڊ گهٽ ڏنا جنهن ڪري صوبي جي ترقي بند ٿي وئي آهي: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ کي فنڊ گهٽ ڏنا آهن جنهن ڪري صوبي جي ترقي بند ٿي وئي آهي. سکر سول اسپتال جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سکر ۾ ايس آءِ يو ٽي تحت ڪڊني ٽرانسپلانٽ ٿيندي جڏهن ته گائني ۽ ٻارڙن جي سرجري لاءِ الڳ وارڊ ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته مان هر هفتي اسپتال سميت سمورين سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪندو آهيان، صحت کاتو سکر ۾ خاص ڌيان ڏي. سندس چوڻ هو ته سکر کي ملندڙ ڊاڪٽرن جو فائدو سکر کي نه ٿي رهيو آهي، جيڪي ڊاڪٽر سکر کي مليا اهي اسپيشلائيزيشن ڪرڻ هليا ويا آهن.  خورشيد شاهه چيو ته  وفاق سنڌ سرڪار کي 22 ارب بدران 16 ارب ڏنا آهن، پنجاب کي به فنڊ گهٽ مليا آهن پر هو خوف سبب رڙيون نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاق طرفان فنڊن ۾ ڪٽوتي صوبن سان زيادتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *