وفاق سنڌ جي حقن تي ڌاڙو پيو هڻي، وزير اعظم جي ذاتي راءِ جو پابند ناهيان: مراد علي شاهه

ڪراچي (18 جون): سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر گهٽ ريوينو ڪمايو آهي جنهن جو ڪارڻ حڪومت جي نااهلي آهي ۽ پنهنجي نااهلي تي حڪومت کي ڪورونا ملي ويو آهي، گذريل سال ٽي مهينا ڪورونا ته باقي کين نااهلي جا رهيا، ڪورونا اڃان ڪيترو اثرانداز ٿيندو ان جي ڪا خبر ڪونهي. مڪاني ادارن جون چونڊون صوبائي حڪومت جي فيصلي تي ڀاڙي ٿو، 18 هين ترميم کي آئيني تحفظ حاصل آهي ،  اين ايف سي ۾ وفاقي اوڳاڙين جو نقص آهي ڪليڪشن اسان کي ڏيو اسان ڪري ڏيکاريون ٿا. سنڌ کي بجيٽ ۾ ڪاٿيل رقم کان گهٽ ڏنو پيو وڃي گذريل سال اسان هڪ متوازن بجيٽ ڏنو هو پر هن سال نقصان ڪورونا وگهي ٿيو جڏهن ته ٻيو نقصان وفاقي حڪومت جي نااهلي جو آهي. هلندڙ سال 229 ارب رپيا گهٽ ملندا، انکي اربين رپين جو ڌاڙو نه چوان ته ٻيو ڇا چوان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم هال ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه ۽ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پڻ ان موقعي تي موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس جي شروعات ڪرونا وائرس خلاف فرنٽ لائن ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سڀني جو ٿورائتو آهيان. وبا کان بچڻ لاءِ احتياط ڪريو ، اسان حڪومتي سطح تي سماجي وٿيءَ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل سال متوازن بجيٽ پيش ڪيو. هن ڀيري بجيٽ مان مطمئن نه آهيون ، مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال هن 5.5 ٽريلين رپين جو ڪاٿو لڳايو هو ، وفاق جا 3.9 کرب گڏ ڪنداسين، 9 مهينن جي ڪلڪشن 3.1 کرب رپيا هئي، جيڪڏهن گذريل سال جي ٽن مهينن کي 50 سيڪڙو به وڌائجي ته اها 4.4 کرب رپين تائين نه وڃي ها. سندس چوڻ هو ته کيس خبر ناهي ته اها اوڳاڙي ڪري سگهنداسين يا نه پر وفاقي حڪومت کي پنهنجي نااهلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي پر اهي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن، پنهنجي نااهلي کي  ڪرونا تي مڙهڻ درست نه آهي. هن چيو ته وفاق جي ڪري ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪرڻي پئي ڇوته صوبن وٽ وسيلا نه آهن ته جي ڊي پي جو حساب لڳائين. بجيٽ جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته جي ڊي پي گروٿ 5.8 سيڪڙو هئي، ن ليگ حڪومت 5.3 سيڪڙو هدف رکيو، 5.2 سيڪڙو رهيو، پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ 6.2 سيڪڙو واڌ جي شرح جو هدف ڇڏي ويا، پي ٽي آءِ حڪومت رڳو 3.3 سيڪڙو رکيو. ورلڊ بينڪ 0.2 سيڪڙو گروٿ جي رپورٽ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تعليم جي بجيٽ ۾ گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي، 700 اسڪيمون جيڪي ايندڙ سال مڪمل ڪيون وينديون انهن کي فنڊ ڏنا ويندا. مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ صحت جي شعبي تي مڪمل توجه ڏني پئي وڃي، ان ڪري صحت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ڪا نئين اسڪيم نه رکي وئي آهي. مون تي الزام هو ته آئون مسجدن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڪريان ٿو، عالمن سان مشاورت ڪئي جنهن لاءِ مان انهن جي تعاون جي ٿورائتو آهيان، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪالهه اهو چيو ويو ته اها عام فلو آهي هاڻي اهي چئي رهيا آهن اهو خطرناڪ آهي وري هاڻي اهو چيو پيو وڃي ته قوم جاهل آهي، پاڙيسري ملڪ کي مدد ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اتان کان اهڙو جواب ملندو آهي ته اسان پاڻ شرمسار ٿيندا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته اسان جي فوتگين جي شرح بلند آهي تنهن ڪري وزيراعظم کان درخواست آهي ته حياتيون بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي پنهنجن وسيلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  ايف بي آر گهٽ آمدني ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته وفاق پاران اعلانيل انگ اکر درست ناهن، وفاق هينئر تائين سنڌ کي 606 ارب رپين جي عيوض 553 ارب رپيا فراهم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سنڌ کي چيو پيو وڃي ته اها ايندڙ سال 760 ارب رپيا ملندا. هن چيو ته وفاق 229 ارب رپين جو ڌاڙو هڻي رهيو آهي ۽ سنڌ کي هن سال وفاق کان 229 ارب رپيا گهٽ ملندا. مراد علي شاهه چيو ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 233 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته 700 اسڪيمون هن سال مڪمل ٿي وينديون ۽ 25 سيڪڙو پراڻن رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن. سواءِ صحت کاتي جي ٻئي ڪنهن ۾ به ڪا نئين اسڪيم شامل ناهي ڪئي وئي. پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سرڪاري ملازمن کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا متاثرين کي 23 ارب رپيا نقد امدادي سهولت فراهم ڪندي ۽ ڪورونا کان متاثر ٿيندڙن ڪاروباري ادارن کي 5 ارب صنعتن ذريعي قرض فراهم ڪنداسين. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ صحت جي نظام کان سواءِ ڪا نئين اسڪيم متعارف ناهي ڪئي وئي، رينجرز ، پوليس ۽ صحافي پنهنجون زندگيون خطري ۾ وجهي ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه به نه ٿئي  اسان تعليم تي سمجهوتو نٿا ڪري سگهون. لاڪ ڊائون جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪيو وڃي ، وزير اعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهي ته لاڪ ڊائون نه ٿيڻ گهرجي اسان اڄ به پنهنجي ڳالهين کان پوئتي نه هٽيا آهيون. عمران خان سڀني لاڪ ڊائون کي مڃيو آهي. وڏي وزير چيو ته اسان کي خبر ناهي ته ڪورونا اڃان ڪيترو هلندو، ڪرونا جي ڪري مسئلا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ منفي 0.2 سيڪڙو گروٿ ڏيکاري رهيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت چيو ته اهو 1،9 سيڪڙو هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ حڪومت ٽيڪس وصولي ۾ نااهلي ظاهر ڪئي، هن سال گروٿ اسٽيميٽ 4 سيڪڙو هو جڏهن ته هاڻي ڪورونا اچي چڪو آهي ته منفي چار سيڪڙو رهجي ويو آهي تنهن ڪري آئون نٿو سمجهان ته انهن کان اهو به ٿيندو، ايترا نااهل آهن. هن چيو ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 233 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 155 صوبائي اي ڊي پيز ۽ 700 اسڪيون هن سال مڪمل ٿي وينديون ، 25 سيڪڙو رقم پراڻين اسڪيمن لاءِ رکي وئي آهي، صحت کاتي کانسواءِ ڪنهن به ٻئي کاتي پاران نئين اسڪيم شامل ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته ڪجهه اسپتالون قائم ڪرڻيون آهن ۽ انهن لاءِ پيسا مختص ڪيا ويا آهن ، هن چيو ته ايندڙ سال صحت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هيلٿ رسڪ  الائونس لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسان هڪ پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سرڪاري ملازمن کي ڏکين حالتن ۾ اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي سڀني ملازمن کي گهرجي ته اڳ ۾ ملازمن جو خيال رکن اهو فيصلو ڪابينا پاران ڪيو ويو جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن پاران تنقيد ڪئي وئي. اسان ڪورونا لاءِ 34 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. اسان کي اسٽيٽ بئنڪ کان نوٽ ڇپرائڻ جي اجازت نه آهي. ڪورونا متاثرين کي 23 ارب رپيا نقد امداد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته پنج ارب انڊسٽريز جي معرفت ڪرونا کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ڪاروبارن کي قرض فراهم ڪنداسين، 500 لائيواسٽاڪ کي سبسڊي ڏني وئي آهي، ڪورونا ۽ ماڪڙ سنڌ مان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، آئي ٽي پروفيشنلن لاءِ 50 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا، صحت، زراعت ۽ تعليم تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بجيٽ تقرير دوران مخالف ڌر ماحول خراب ڪيو. مونکي ٻڌايو ويو ته مراد علي شاهه وفاقي اجلاسن ۾ گهڻين شين کي تسليم ڪندو آهي ۽ بعد ۾ واپس وڃي ڦري ويندو آهي، وڏي وزير پاڻ سان گڏ کڻي آيل رڪارڊ جي ڪاپي ميڊيا کي ڏيکاريندي چيو ته جيڪي جيڪيڪ وفاق اجلاسن ڳالهيون مڃيون آهن انهيءَ تي قائم آهيان. وڏي وزير وزيراعظم بابت چيو ته هوءَ ته اڄ به اهو ئي چئي رهيو آهي جيڪو شرو کان چوندو پيو اچي ته اسان لاڪ ڊائون ڪنداسين ته ماڻهو مرندا پر وري به خان صاحب لڳايو لاڪ ڊائون. ان جي ابتڙ اسان ڪورونا کي پکڙڻ کان روڪيو آهي  ۽ انهيءَ لاءِ ماڻهن جا ٽيسٽ ڪرڻ شروع ڪيا. هن چيو ته هوءَ وفاق سان اتفاق ڪندو آهي پر پنهنجي موقف کي به رکندو آهيان جئين اين سي سي اجلاس منعقد ڪيا ويا ۽ اين سي او سي جي ميٽنگن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا ويچار پيش ڪيا. پهرين اجلاس ۾ هوائي اڏا بند ڪرڻ جي تجويز ڏني ته اسان کي يو ڪي جي مثال ڏني وئي جڏهن اتان جو وزيرايظم ڪورونا جو شڪار نه ٿيو هو. اهو چيو ويندو هو ته مان انگريزي ۾ ڳالهائيندو آهيان قائداعظم به انگريزي ۾ ڳالهائيندو هو. وزير اعظم پاران مٿس لڳايل الزامن جو حوالو ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اهو الزام لڳايو ويو ته لاڪ ڊائون مراد علي شاهه اسان کان بنا پڇي لڳايو. هن چيو ته پرڏيهي پروازن کي ڪير روڪي ٿو؟ سرحدون ڪنهن بند ڪيون؟ ڇا ڪو وڏو وزير اين سي سي جي صدارت ڪري رهيو هو؟ هن چيو ته اسان وفاق سان مڪمل تعاون ڪيو آهي ، اسان وزير اعظم جي حيثيت سان خان صاحب جي سمورن فيصلن جا پابند آهيون ، اسان هن جي عزت ڪئي. هي الزام هڻن ٿا ته اسان وقت سر فيصلا ڪري عوام کي بچايو، پوءِ اهي چون ٿا ته مراد علي شاهه پهرين لاڪ ڪيو  پوءِ ٻين صوبن انهن کي ڏسي لاڪ ڊائون لڳايو، وزيراعظم ڪير آهي جنهن پهرين اپريل تي فيصلا ڪيا؟“ لاڪ ڊائون ۽ شٽرڊائون جا فيصلا ڪيا؟ هن چيو ته هو وزيراعظم جي راءِ سان متفق ناهن جيڪڏهن ٻين صوبن لاڪ ڊائون جي پيروي ڪئي ته اهو غلط ناهي، وزيراعظم جي ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته سندس حافظو ڪمزور آهي. هن چيو ته توهان صوبن جي وڏن وزيرن کي پنهنجي ذميواري ڏني آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پهرين اپريل تي اين سي سي اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته لاڪ ڊائون ٻن هفتن لاءِ ٿيندو ۽ اهو سخت هوندو جنهن تي اسان چيو ته ڪابه مسجد بند نه ڪئي وڃي پر ان کي ٻيو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. انهن عالم سڳورن جي مهرباني جن مڪمل تعاون ڪيو. مان ڇو اين سي سي جي ڳالهين کي مڃيان جڏهن ته سڀ فيصلا مڃيا پوءِ به الزام لڳايا وڃن ٿا، هن چيو ته منهنجي ڪابينا چوي ٿي ته اسان ڇو اين سي سي جا فيصلا مڃون، مان وزير اعظم جي ذاتي راءِ جي حمايت ڪرڻ جو پابند ناهيان، هن چيو ته 13 اپريل تي ريلوي ۽ جهاز بند ڪرڻ جا فيصلو ڪيا ويا ته ڪهڙي وزير اعظم ڪيا؟ مون وزيراعظم سان اختلاف جي باوجود عمل ڪيو. آئون جيڪر اوهان جي فيصلن سان اتفاق ڪريان تڏهن به الزام لڳايا ويا ته پوءِ ايئن ڪيئن اوهان جون ڳالهيون مڃيان ان تي منهنجي حڪومت ۽ ڪابينا کي سوچڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مونکي الزام لڳايو ويو ته مسجدن کي بند ڪرڻ جو حڪم مون ڏنو آهي. عالمن سان صلاح ڪئي ۽ انهن جي مڪمل تعاون تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. اسان چيو هو ته مسجدون کليل هونديون، اتي اذان به ٿيندي ۽ نماز به ٿيندي. ھاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته قوم جاھل آھي. ٻڌايو ڪنهن مڪس سگنلز ڏنا؟ هن چيو ته ڪالهه چيو ويو ته عام فلو آهي هاڻي چئي رهيا آهن ته خطرناڪ آهي. سويڊن جو مثال وٺو. اسان جي فوتگين جي شرح وڌيڪ آهي. هن چيو ته وزير اعظم پاڪستان کي درخواست ڪئي آهي ته عوام جي زندگيون بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. ڪورونا سان مقابلو ڪرڻ جا دنيا ۾ ٻه ماڊل آهن. نيوزيلينڊ ۾ وڌيڪ ٻه ڪيس آيا آهن ته وزير اعظم چيو اها منهنجي غلطي هئي. هتي چيو وڃي ٿو ته گهٽ فوتگيون ٿيون آهن، جنهن  جي ڪيپيٽل اپروچ هئي. ٻين ملڪن ۾ ڪيس گهٽجڻ بعد لاڪ ڊائون ختم ٿيو. هن چيو ته پاڪستان سڀني کان بدترين ان ڪري آهي ڇاڪاڻ ته اسان به لاڪ ڊائون ڪيو ۽ پوءِ کولي ڇڏيو. هن چيو ته اٽلي ۾ هاڻي هڪ سيڪڙو ڪيس اچي رهيا آهن، اسان وٽ 21 سيڪڙو ڪيس آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اين سي سي شاپنگ مال کولڻ جو فيصلو ڪيو پر ٻين صوبن ائين نه ڪيو.سپريم ڪورٽ چيو ته جڏهن ٻين صوبن جا شاپنگ سينٽر کوليا ويا ته اسان 31 مئي جي فيصلي خلاف شاپنگ سينٽر کوليا. ان کان اڳ اسلام آباد ۽ پنجاب اين سي سي جي فيصلي کان انحراف ڪئي، ميڊيا کي ھن معاملي تي تحقيقاتي صحافت ڪرڻ گھرجي پر انحرافي کي ثابت ڪرڻ گھرجي. وڏي وزير سنڌ چيو ته ها مانماڻهن کي احتياط لاءِ هٿ جوڙي چوندس، اوهان جيڪر قوم کي غلط پيغام ڏيندو ته ماڻهو ڪيئن عمل ڪندا، قوم کي جاهل سڏيو ويو ۽ چيو ويو ته فلو آهي ٽيسٽ نه ڪرايو، سويڊن جون مثالون ڏنيون ويون آهن پر سويڊن عوام کان غلطي تي معذرت ڪئي آهي. هن وقت اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ انفيڪشن جي شرح آهي ، اسان وٽ فوتگين جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي ، اسان جا صحت جا ماهر چئي رهيا آهن ته خراب حالت آهي، آئون وزيراعظم کي قدم کڻڻ بابت چوندس ۽ ماهرن جي ڳالهه کي ٻڌيو وڃي. ڪالهه مٿس الزام لڳايو ويو ته ماڻهون ٽرڪ کائڻ لاءِ ڀڄي رهيا آهن، جيڪڏهن انگ اکر ڪڍيا ته پريشان ڪندڙ هئا ته هڪ واقعو حيدرآباد ۾ پيش آيو. اسان وٽ غربت آهي اهڙا ڪيس ٿين ٿا. هن چيو ته اهو چيو ويندو آهي ته ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا هئا. ته اڻ تصديق ٿيل انگن اکرن مان ظاهر ٿيو ته 70 ماڻهن گذريل سال ۽ 40 هلندڙ سال ۾ خودڪشي ڪئي، جيڪڏهن ڳالهيون مڃيون وڃن ٿا ته حالات خراب نه ٿين ها ۽ اسان سٺي صورتحال ۾ هجون ها. هڻي به حالات خراب ضرور ٿيا آهن پر ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. وڏي وزير سنڌ چيو ته ٻيو آهي ڪيپٽل اپروچ جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، انهن ملڪن ان وقت نه سوچيو ۽ لاڪ ڊائون نه ڪيو. لاڪ ڊائون هن وقت اٽلي ۾ کوليو ويو آهي ، اٽلي 1 يو ڪي 2 انڊيا 8 ۽ پاڪستان 21 سيڪڙو ماڻهو مثبت اچي رهيا آهن. ميڪسيڪو ۾ 41 سيڪڙو انگ آهن ان ڪري جو اتي گهٽ ٽيسٽ ٿي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چيو وڃي ٿو ته دنيا عمران خان جي ماڊل تي عمل ڪري رهي آهي. اڙي ڀاءُ! توهان جي ماڊل تي نٿي هلي. هن چيو ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيسٽ سرڪاري خرچن تي ڪيا ويا آهن. ٽيسٽنگ جي گنجائش وباءَ وقت 80 هئي هاڻي 11450 ڪري چڪا آهن. هن چيو ته وچ ۾ چيو ويو ته فلو آهي ته ماڻهن ٽيسٽ ڪرائڻ ڇڏي ڏنو، هاڻي ماڻهون اچي رهيا آهن. پريس ڪانفرنس ۾ الزام لڳايو ويو هو ته اهي پئسا وٺي رهيا آهن ۽ ڪوڙ ڪورونا جا ڪيس ٺاهي رهيا آهن. انهن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جيڪي هاڻي ٽيسٽ لاءِ اچي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته اسان جي صوبي ۾ آبادي جي لحاظ کان 6666 في ملين ۽ پاڪستان جا 4068 تناسب جي ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن. سنڌ ۽ گجرات کي الڳ نمبر ڏنا ويا. سنڌ ملڪ جي ٻين علائقن ۽ ڀارت کان ٽيسٽ جي گنجائش ۾ 33 سيڪڙو اڳيان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪيسن جو تعداد وڌي رهيو آهي ته گنجائش ۾ اضافو ڪيو ويندو. اسان سنڌ ۾ حڪومتي سطح تي 80 سيڪڙو جاچ ڪئي آھي. ڪوڊڊ بيڊ هاڻي 296 ۽ ايڇ ڊي يو مان وڌي 62 کان 764 بسترن تائين پهچي ويا آهن. جون جي آخر تائين اسان وٽ 1199 HDU بيڊس هوندا ۽ جولاءِ تائين اسان وٽ 1274 هوندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ماڪڙ تي ڪم پلانٽ پروٽيڪشن جو آهي پر هاڻي اسان تي زبردستي مڙهي رهيا آهيون ان ۾ 18 هين ترميم جو ڪو به ڪردار ناهي پر ان جي باوجود اسان پئسا ڏئي رهيا آهيون. اهو ڪم به فوج کان ڪرايو پيو وڃي انهن وٽ گهڻو ڪم آهي. اسان 98 ٽيمون ٺاهيون گاڏيون خريد ڪيون آهن. گاڏين تي وڏا الزام لڳا ويا آهن پر جيڪو خريد ڪيو اهو اين ڊي ايم اي جي چوڻ تي ڪيو. اسان جهازن جو مطالبو ڪيو ڇاڪاڻ ته ايران افريقا ۽ ٻين هنڌن کان اچي رهيا آهن، هن چيو ته 6 مارچ تي 6 جهازن جو مطالبو ڪيو ويو ۽ هڪ جهاز سکر ۾ بيٺل آهي. هن چيو ته گذريل سال اسان پڻ تيل فراهم ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڀائو! توهان جا جهاز، توهان جا پائلٽ، اسان انهن کي ڪيئن هلائي سگهنداسين؟ اسان ٻاهرين ملڪن کان جهاز طلب ڪيا ته چيو ويو ته انهن جي ڊيلنگ وفاقي سرڪار ذريعي ٿيندي. هن چيو ته اسان پئسا پنهنجن ماڻهن لاءِ خرچ ڪنداسين. اها پهرين وفاقي حڪومت آهي جنهن کي صوبو فنڊنگ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀٽو دور ۾ اسپري ڪرايو ويو پر ان کانپوءِ نه. جڏهن شهيد محترمه جي حڪومت ۾ ماڪڙ جو مسئلو آيو ته ان گرين لائين تي فون ڪيو. انهن ٽن ڏينهن اندر سمري منظر ڪئي ۽ ڦوهارو ڪرايو. هڪ ڏينهن ايندو چوندا ته ماڪڙ کي به اسان شڪست ڏينداسين. سڀاڻي چوندا ته ڪورونا جو مقابلو به اسان ماڪڙ ذريعي ڪنداسين. سڀاڻي اهو به ٻڌڻ وٽان ملندو ته نيوزيلنڊ کي 92 جو ورلڊ ڪپ جيان ماڪڙ کي شڪست ڏينداسين. اهڙا مثال ڪڏهن جرمني جا ته ڪڏهن اٽلي جا ڏنا وڃن ٿا جرمني جي لاڪ ڊائون ۽ اسان جي لاڪ ڊائون ۾ فرق آهي. ميڊيا پنهنجي ريليٽو کان پڇي وٺي. وڏي وزير چيو ته اڄ اجلاس آهي اين سي او سي جو وزيراعظم آڏو ڳالهيون رکندس. اڄ تائين اين اي سي جا 8 اجلاس ٿي وڃڻ گهرجن ها پر افسوس آهي ته ان جا ڪيترا اجلاس ٿيا ؟

سوالن ۽ جوابن جو سيشن:

سنڌ جي وڏي وزير جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته عمران خان 2018 ۾ ڪي فور جو منصوبو بند ڪرايو هو  چيائين ته ان ۾ ڪيترائي گهپلا آهن جيڪي اڃا تائين ثابت نه ڪيا ويا پر منصوبي ۾ دير ٿيڻ جو ذميوار به پاڻ آهي. گذريل ڏينهن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي. اپوزيشن تمام گهڻي ڳالهائي ٿي. 2018 ۾ عمران خان ڪي فور بند ڪرائي هليو ويو. ٻه سال گذري ويا آهن جڏهن وڏا الزام لڳايا ويا هئا پر ڪجهه به ثابت نه ٿيو. اڃا تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صوبائي حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي بلدياتي چونڊون ان موجب ٿينديون. اسان سکر جو فيصلو پراپرٽي ٽيڪس سان ڪيو ، ۽ انهي جو فائدو لوڪل گورنمينٽ کي ٿيندو. 2013 جو سنڌ اسيمبلي جو لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ موجود آهي ان تي عمل ڪنداسين. 18 هين ترميم هڪ تاريخي فيصلو هو ان وقت قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر نه هو اسان قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪنداسين. 18 ترميم کي آئيني تحفظ حاصل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت کي هاڻي قومي اسيمبلي ۾ هڪ پارٽي ڇڏي وئي آهي. وفاقي سرڪار پاران ٽن اسپتالن جي ضبط ڪرڻ بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ صحت جي بيمارين جون اسپتالون قائم ڪيون پيون وڃن ۽ ڪوبه نئون منصوبو ناهي ٺاهيو. 15 ارب رکيا آهن ان ۾ ڪجهه نوان منصوبا رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جنهن اسپتالن جو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو آهي انهن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته صوبي سان ڳالهائي ۽ ادائيگي ڪري. وفاق پاران اسپتالن ڏانهن لکيل خط غلط ۽ غيرقانوني آهي. اسان کي پڪ آهي ته اهي انهن اسپتالن کي هلائڻ جي قابل نه هوندا ۽ اسان ئي انهن کي هلائينداسين. وفاقي بجيٽ ۾ مقرر ڪيل رقم هن وقت به ننڍي ۽ ناڪافي آهي. وزيراعظم جي ڪراچي دوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  ٽي وي ذريعي ڇنڇر تي مون کي معلوم ٿيو ته وزيراعظم ڪراچي جو دورو ڪندو. هن کي وزير اعظم کي پروٽوڪول ڏيڻ جو حق حاصل آهي پر هن خط تي تنقيد ڪئي وئي. هڪ پروگرام ۾ وزيراعظم جي نجي ملاقات چيو ويو. آئون هن جو دوست ته ناهيان جيڪو مون کي پنهنجي نجي دوري تي دعوت ڏيندو. جيڪڏهن عمران خان جو ذاتي دورو هو ته پوءِ هن ڪورونا تي ميٽنگ ڇو ڪئي. جڏهن هوءَ ڪراچي ۾ لينڊ ڪري رهيا هئا ته مون پروٽوڪول کان پاڻ پڇيو هو ته جيڪڏهن آئون انهن کي استقبال ڪرڻ وڃان ته مون کي جهليو ويو. جيڪڏهن اهو وزيراعظم جو دورو آهي به اسان کي پروٽوڪول ڏيڻو آهي. هن چيو ته آئون ڪيڏانهن وڃي رهيو هوس ته مون کي پڻ چيو ويو ته وزيراعظم اچي رهيو آهي انتظار ڪريو. ڪنهن گورنر کان به پڇيو ته ڇا هو وزيراعظم جي استقبال لاءِ ويو آهي؟ اهو هڪ ڪامياب خانگي دورو هو ۽ پارٽي جي اينڪر ۽ دوستن سان ملاقات ٿي. مون اڱاري تي ڪابينا جو اجلاس ۽ اربع ڏينهن بجيٽ پيش ڪرڻ جو سوچيو پر وزير اعظم جي پلان جي ڄاڻ نه آئي. پوءِ هڪ خط آيو جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ سرڪار وزير اعظم کي بدنام ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي قانون تحت  ميئر چونڊيو ويندو. هڪ آمر صوبي جا اختيار واپس وٺي ٿو ۽ اهو مشرف جي دور ۾ ٿيو. 266 ارب صوبائي اوڳاڙي فڪس ڪئي جيڪا گذريل سال 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پراپرٽي ٽيڪس لوڪل گورنمنٽ جو آهي جنهن تي سکر ۾ ورلڊ بينڪ طرفان هڪ سروي ڪيو ويو آهي. ان جي گنجائش موجود آهي ۽ جلد ئي سکر مان شروع ڪيو ويندو. هڪ صحافي وٽان اين ايف سي ايوارڊ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾  هن چيو ته اين ايف سي خراب ناهي، اين ايف سي ۾ وفاقي ڪليڪشن جي خرابي آهي. اين ايف سي ۾ جيڪو ٽيس چوري کي نه روڪڻ اهو مسئلو آهي. تعليم کان وڌيڪ اهم ٻارن جون زندگيون آهن. وزير اعظم جو پتلو لاڙڪاڻي ۾ نه ساڙيو وڃي ها پر منهنجي پتلي کي به ساڙيو ويو آهي. اسان پرامن احتجاج تي يقين رکون ٿا پر انداز تي اعتراض ڪريون ٿا. اسيمبلي ۾ جيڪو احتجاج ٿيو ته ڇا اهي پنهنجي دماغ کان فيصلا ڪندا آهن. ڇا ڪووڊ جي صورتحال ۾ منهنجي مائڪ تي اپوزيشن جو احتجاج صحيح هو؟ مون احتجاج ڪندڙن جو نوٽس ورتو. سياستدانن کي عدم برداشت جي معاملي تي سوچڻ گهرجي. مان اسيمبلي جي تقرير ۾ پگهارن ۽ پينشن جو ذڪر نه ڪري سگهيس،  اين ايف سي ۾ ڇا مسئلو آهي؟ اسان مطالبو ڪري چڪا آهيون ته توهان ڪليڪشن اسان کي ڏيو ته اسان ڪري ڏکاريون ٿا. خرابي ته چيني ڪميشن ثابت ڪري چڪي آهي ۽ اهي انکي روڪي نٿا سگهن. اها مافيا انهن کان ڪنٽرول نه پئي ٿئي. اهي اسان جي کيسي مان پئسا چورائڻ ۽ صوبن جي حقن کي ڇنڻ  جي ڪوشش ڪن ٿا. هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسڪول کولڻ جي بدران ٻارن کي بچائڻ لازمي آهي. جولاءِ جي تاريخ آهي پر ڪهڙا حالات هجن  اهو فيصلو ڪنداسين. سڀ کان وڌيڪ اهم شيءِ ٻارن جون زندگيون آهن. هن چيو ته ماڻهن وٽ ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه آهي. انٽرنيٽ کي وڌيڪ سستو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن ميڊيا جي صورتحال اهڙي آهي پگهارون نه آهن ته واقعي ماڻهن جا مسئلا به آهن. اسان انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان کي پنهنجي عوام جي زندگين کي بچائڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *