وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪرونا جهڙي صورتحال ۾ وفاق پاران 18 هين ترميم جي ڳالهه ڪرڻ زيادتي آهي، خان صاحب جي پاليسي ۾ ابهام ان ڳالهه جو تاثر ڏئي ٿو ته رياست پاڪستان آزاد نه آهي، وفاقي حڪومت 18 هين ترميم جي غلط تشريح ڪري ملڪ لاءِ جامع /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 40

حڪمت عملي ٺاهڻ جي پنهنجي ذميواري کان هٿ نٿي کڻي سگهي، 18 هين ترميم صوبن کي اختيار ڏئي ٿي ۽ وفاقي حڪومت کي ڀڃڻ نٿي ڏئي، قومي سطح تي پاليسي جوڙڻ جي ذميواري وفاق جي آهي، هن وقت اتي قيادت جي کوٽ آهي، وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ بدران سنڌ جي بهتر ڪم کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ هن وقت رڳو سياست ڪئي پئي وڃي جتي ڪم ٿي رهيو آهي اتي تنقيد ٿئي ٿي، جتي ڪم نٿو ٿئي ان تي ڪو به سوال نه ڪيو وڃي ٿي، سومر تي بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت 18 هين ترميم جي غلط تشريح ڪري ملڪ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻو اري ذميواري کان هٿ نٿي کڻي سگهي، هن چيو ته ملڪي قيادت جي ذميواري هوندي آهي ته اها قومي بحران جي موقعي تي ڏکيا فيصلا ڪري، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته وفاق ۽ وزيراعظم صوبن کان لاتعلقي جو اعلان ڪري رهيا آهن، هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سڀ کان ڪامياب صوبي تي تنقيد ڪري رهي آهي، عمران خان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته چندو گڏ ڪرڻ هر مسئلي جو حل نه آهي، معيشت کي هلائڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، هن چيو ته حڪومت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي چيئرمين جي ذميواري آهي ته اهو اپوزيشن سان ويهي اهو فيصلو ڪري ته ڇا قومي اسيمبلي جا ان پرسن اجلاس ٿيندا يا ورچيوئل، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي ورچيوئل اجلاس لاءِ ڪنهن قسم جي قانونسازي جي ضرورت آهي ته ان لاءِ به سوچڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *