وفاق سان ڪي به اختلاف ناهن، رينجرز مئنڊيٽ موجب ڪارروائي ڪري: وڏو وزير

لاهور (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردي هڪ صوبي نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي کيس اميد آهي ته چوڌري نثار سان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿينديون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد قائم علي شاهه چيو ته هو رينجرز جي ڪارڪردگيءَ جو اعتراف ڪري چڪا آهن. هن چيو ته رينجرز کي چئن معاملن تي اختيار ڏنا ويا آهن، ان کي مئنڊيٽ موجب ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو امن بحال ٿي چڪو آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين رينجرز موجود رهندي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي سنڌ نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، داعش ڪنهن به هنڌ هجي سندن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. سيد قائم علي شاهه چيو ته وفاق سان سندن ڪي به اختلاف نه آهن، چوڌري نثار سنڌ جلد ايندو، ساڻس مئنڊيٽ بابت ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته کيس اميد آهي ته چوڌري نثار سان ملاقات نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته اتفاق سان هلياسين ته دهشتگدري ختم ٿي ويندي، سنڌ هر معاملي تي سهڪار ڪيو آهي، اميد ته وفاق به سهڪار ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *