وفاق ذميوارين کي سٺي نموني سمجهي ٿو، صوبن سان بهتر لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته صوبن سان بهتر لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا، وفاق پنهنجي ذميوارين کي چڱي ريت سمجهي ٿو ۽ پورو ڪري رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو،م هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ زلزلي دوران وزيراعظم نواز شريف پرويز خٽڪ سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح سنڌ کي به مطمئين ڪيو ويندو، سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي منصوبي لاءِ وفاقي هن وقت تائين سنڌ کي 22 ارب رپيا ادا ڪري چڪو آهي، اسان سنڌ ڪراچي جون حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ هر قرباني ڏينداسين، هن چيو ته صوبن وٽ پنهنجا وسيلا ڪافي آهن، پنجاب وانگر سنڌ حڪومت به پنهنجا وسيلا استعمال ڪري، پنجاب ۾ سمورا وسيلا صوبائي حڪومت جا آهن ۽ ڪنهن به منصوبي لاءِ وفاق پنجاب کي پيسو نه ڏنو آهي، سنڌ حڪومت کي پاڻي جي منصوبي لاءِ 22 ارب ڏنا ويا آهن ۽ گرين لائين منصوبو وفاق پاران سنڌ حڪومت لاءِ خاص تحفو آهي، ڪراچي آپريشن ۾ پاڪستان حڪومت رينجرز کي اتي مقرر ڪيو آهي ۽ ڪراچي آپريشن ۾ رينجرز جا سمورا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *