وفاق خيبر پختون خواهه حڪومت کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿو:عمران خان

پشاور (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وفاق خيبر پختون خواهه حڪومت کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ننڍن صوبن کي حق ملن ته وفاق مضبوط ٿيندو. پشاور ۾ صحت جو اتحاد مهم جو افتتاحڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ هڪ وڏو صوبو بڻجي وڃي ته سمورا صوبا برابر ٿي ويندا ۽ قومي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته هميشه ننڍن صوبن کان انهن جا حق کسيا ويا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ بلوچستان جون حالتون خراب آهن. عمران خان چيو ته جيڪڏهن بلوچستان جي عوام کي انهن جا حق ڏنا وڃن ها ته اتي حالتون معمول موجب هجن ها. سندس چوڻ هو ته وفاق طرفان خيبر پختون خواهه حڪومت کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر وڏي وزير پرويز خٽڪ جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪي پي ڪي کي مثالي صوبو بڻائي ڏيکاريندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *